24 بدھ , اکتوبر 2018

سينيٽ ۾ نااهل شينهن خلاف ٺهراءُ منظور ۽ ٽائيگر خان جا وارنٽ

علي محمد ميمڻ

پارليامينٽ جي مٿاهين ايوان سينيٽ آف پاڪستان طرفان اڪثريت راءِ سان اهم ٺهراءُ منظور ڪيو ويو جنهن ۾ ملڪ جي نااهل قرارڏنل  فرد جي سياسي جماعت جي عهديدار بڻجڻ خلاف رٿ پاس ڪرڻ جو فيصلو ڏنو ويو آهي، سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر اعتزاز احسن اهو ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن جي حق ۾ 52 جڏهن ته مخالفت ۾ 28 ووٽ ڏنا ويا، ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ غير معمولي صورتحال پيدا ٿي آهي ته عدالت کان نااهل شخص پارٽي جو سربراهه بڻجي سگهي ٿو، اهڙو شخص پارليامينٽ کان ٻاهر ويهي به سياسي جماعت جي پاليسي بڻائيندو ۽ فيصلا ڪري سگهندو، پارليامينٽ هڪ اهڙي شخص جي هٿن ۾ يرغمال بڻجي ويندي، جنهن جي پارليامينٽ ۾ داخلا تي پابندي هجي، سينيٽ جو ايوان سمجهي ٿو ته اهڙو شخص پارٽي جو عهديدار نه ٿيڻ گهرجي، جيڪو پارليامينٽ ڪارڪن بڻجڻ جو اهل نه هجي يا نااهل ڪيو ويو هجي، سينيٽ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي سينيٽر اعتزاز احسن چيو ته اليڪشن ايڪٽ جي شق 203 تحت ته دهشتگردي جو ڏوهاري به جيل مان پارٽي هلائي سگهي ٿو. ٺهراءَ جي حق ۾ 52 ۽ مخالفت ۾ 28 ووٽ پيا اهڙي طرح  سينيٽ ۾وڏي اڪثريت  سان هي بل منظور ٿي ويو

پڙهندڙن لاءِ واضح رهي ته ٻه هفتا اڳ ملڪ جي پارليامنيٽ جي ٻنهي ايوانن سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ چونڊ سڌارن جو بل پيش ٿيو ۽ پارلياماني قانون سازي جي سمورن مرحلن، جن ۾ پارلياماني ڪاميٽي طرفان چونڊ سڌارن جو ٽيڪنيڪل ۽ قانوني ۽ آئيني معاملن جي ڇنڊ ڇاڻ بعد تيار ڪيل ڊرافٽ يا بل  جو مسودو . جنهن ۾ موجود اليڪشن ايڪٽ جي شق 203 پڻ شامل هئي.

سينيٽ ۾ 22 سيپٽمبر تي اليڪشن بل 2017 ع جي منظوري جي وقت اپوزيشن جي شق 203 ۾ ترميم 1 ووٽ تان رد ڪئي وئي هئي، تڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سينيٽر اعتزاز احسن جي ترميم جي حق ۾ 37 ۽ مخالفت ۾ 38 ووٽ آيا هئا. اهڙي ريت هڪ ووٽ جي فرق سان چونڊ سڌارن جو بل سينيٽ مان پاس ٿي نڪري ويو ۽ ان بعد قومي اسيمبليءَ ۾ نواز ليگ  جي  اڪثريت هجڻ ڪري اتان پڻ اهو بل پيڪيج تحت بنا ڪنهن رڪاوٽ جي  پاس ٿي ويو ۽ پوءِ ملڪ جي صدر سائين ممنون حسين صاحب پڻ بنا دير ان تي صحيون ڪري پنهنجو فرض نڀائڻ ۾ ڪابه دير نه ڪئي اهڙي ريت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان طرفان نااهل قرار ڏنل اڳوڻو  وزير اعظم نواز شريف قانون ۽ انصاف جي ڪوڙڪيءَ مان نڪري وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو.

ملڪ جي قانون، انصاف،  جمهوري ۽ معاشرتي مان جو ڏيوالو نڪرڻ بعد ملڪ جي عوام اهي منظر پڻ پرڏيهي ميڊيا ۽ قومي نشرياتي رابطي تي ٽي وي چينلن تي سڌو سنئون ڏٺا ۽ ٻئي ڏينهن ملڪ جي  اخبارن ۾ رپورٽون پڻ پڙهيون ته ملڪ جي اعلي عدالتن طرفان پاناما،  اقاما ۽ مختلف ڏوهن ۾ سوگهو ڪيل  ٻلونگڙو وري ڇت واري سوراخ مان ٻاهر اچي پارٽي جو سربراهه ۽ شينهن بنجي ويو ۽ ملڪ جي ادارن  ۽ عزت وارن شهرين  کي دڙڪا ڏيندو ۽ گجگوڙون ڪندو روانو  ٿي ويو. اسانجي ملڪ ۾ اهڙا منظر ڪيترائي ڀيرا ورجايا ويا آهن جڏهن  قانون ۽ انصاف، بندوق مافيا ۽  طاقت وارن  ۽ لٺ مافيا اڳيان بي وس ۽ مجبور ٿيندو رهيو آهي.

هاڻي سوال اهو ٿو پيدا  ٿئي ته  جڏهن ملڪ ۾ قانون پاس ٿي آئين جو حصو پڻ بنجي ويو ته پوءِ هاڻي“ شينهن ” کي ڪير پڪڙيندو ۽ اهو وري پڃري ۾ ڪيئن بند ٿيندو ؟. سائين منهنجا سنڌي ۾ چوندا آهن ته“ لتر کي پڄي چڪر”، يا ٻلي شينهن جي ماسي هوندي ئي ان ڪري آهي جو هوءَ شينهن کان بچاءَ جا گر پاڻ وٽ سنڀالي ۽ لڪائي رکندي آهي. ان معاملي کي جيڪڏهن ڪجهه کولي بيان ڪجي ته نواز ليگ واري حڪومت پنهنجي سموري طاقت ۽ اٽڪلن سان تيار ڪرايل چونڊ سڌارن واري بل ۾ جادوگري ۽ ڪرنسي واري ڪرامتن جي زور تي نااهل ۽نا پاڪ شخص کي پاڪ قرار ڏيارڻ واري شق 203 شامل ڪرائي گناهگار ميمبرن هٿان پاس ڪرائي وئي هئي، اصل ۾ اهو حرام ۽ ناپاڪ حصو يا جز عدالت ۾ چيلنج پڻ ٿي ويو آهي. اهڙي ريت سينيٽ آف پاڪستان پاڻ تان ناپاڪائي وارو ٽڪو نه صرف لاهي کڻي ڦٽو ڪيو آهي پر اهو ٺهراءُ سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس مضبوط ڪرڻ ۾ پڻ سگهارو ڪردار ادا ڪندو.

ٻئي پاسي ملڪ جي قانون جي گرفت هاڻي تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان  کي سوگهو ڪرڻ لاء پڻ حرڪت ۾ اچي چڪي آهي ۽ اليڪشن ڪميشن  آف پاڪستان طرفان توهين عدالت جي جوابدار ٽائيگر خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.    اليڪشن ڪميشن ۾ تحريڪ انصاف جي اڳوڻي اڳواڻ اڪبر ايس بابر جي درخواست تي توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.. اليڪشن ڪميشن حڪم ڏنو آهي ته عمران خان کي توهين عدالت ڪيس ۾ 26 آڪٽوبر تي گرفتار ڪري پيش ڪيو وڃي.

ان کان علاوهه عدالت ملڪ جي عالمن جي چنڊ ڏسڻي ڪاميٽي جي شوقين مفتي ۽ قنديل بلوچ قتل ڪيس ۾جوابدار مفتي عبدالقوي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪيا آهن. ملڪ جي  مشهور ماڊل قنديل بلوچ جي قتل ڪيس ۾ عدالت طرفان بار بار گهرائڻ باوجود مفتي عبدالقوي عدالت ۾ پيش نه ٿيو جنهن تي عدالت مفتي عبدالقوي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. پوليس ماڊل قنديل بلوچ جي قتل کانپوءِ جاچ جو دائرو وسيع ڪندي مفتي عبدالقوي کي به جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو پر ڪيس ۾ نامزد مفتي عبدالقوي روپوش ٿي ويو هو سندس گرفتاري لاءِ خاص ٽيم جوڙي وئي آهي. ٻئي طرف مفتي عبدالقوي جو فرمان آهي ته هو عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ تيار آهي ۽ هو پنهنجي ملتان واري مدرسي ۾ موجود آهي جيڪو چاهي ساڻس رابطو ڪري سگهي ٿو.

بيشڪ! ملڪ  اڃا  جاتي امراءُ رائيونڊ ۽ لاهور جي ٻن شينهن کان  آجو ئي نه ٿيو هو ته ميانوالي جي ٽائيگر خان پاڻ کي قانون ۽ انصاف کان مٿاهون قرار ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو . ڇاڪاڻ جو هو  پوري ملڪ ۾ پنهنجي قانون ۽ انصاف کي لاڳو ڪرڻ لاءِ تحريڪ  انصاف هلائي رهيو آهي ۽ پشاوري گهوڙي تي سوار هن ٽارزن خان کان ڪير پڇي ته تتنهنجي وات ۾ باقي گهڻا ڏند بچيا آهن. جڏهن ملڪ ۾ جهنگ جو قانون لاڳو هجي ته پوءِ  شينهن  ۽ ٽائيگر جي همنام  مفتي عبدالقوي صاحب  پڻ قانون ۽ انصاف جي ادارن کي پنهنجو مريد سمجهندي فرمايو آهي ته  هو پنهنجي ملتان واري مدرسي ۾ موجود آهي جيڪو به چاهي ساڻس رابطو ڪري قدم بوسي ڪري سگهي ٿو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

جمال خاشقجي جو بي رحماڻو قتل عالمي ضمير لاءِ امتحان..!!  

خادم رند ناميارو سعودي صحافي جمال خاشقجي 2 آڪٽوبر تي ترڪي جي شھر استنبول ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے