19 جمعہ , اکتوبر 2018

قاضي فيض محمد هڪ آدرشي انسان​

واحد پارس هيسباڻي

اياز ڏات کي نه پر سچ کي وڏي شيءِ چيو آهي ۽ اهو سچ جيڪو مچ مچائي، ان مچ کي وڏي شيءِ چيو آهي. قاضي فيض محمد ڏات ڌڻي به آهي، هن سچ لکيو به، سچ ڳالهايو به ۽ سندس ان سچ مچ به مچايو. هي سنڌ جي انهن تمام ٿورن اديبن، سياستدانن ۽ سماج سيوڪن مان هڪ آهي، جن پنهنجي پوري ڄمار هڪ آدرشي طور گذاري ڇڏي، جيڪي ’ڀلي بک ڀرم جي شال م وڃي شان‘ جي اصول تي ڪاربند رهيا. قاضي فيض محمد وٽ پُر آسائش زندگي گذارڻ لاءِ ڇا نه هيو، جيڪڏهن هو چاهي ها ته آرام سان پنهنجي حياتي گذاري پئي سگهيو، پر هن پنهنجي لاءِ اهو رستو چونڊيو، جنهن کي عام طور تي ڪنڊن وارو رستو چيو ويندو آهي، هن ٿڌي ڪمري ۾ آرام ڪرڻ بجاءِ ڌر تتيءَ جو پنهنجي ديس جي ماڻهن جي حقن لاءِ روڊن رستن ۽ جهرجهنگ ۾ هلڻ پسند ڪيو. هو سٺو وڪيل هو، پر هن پنهنجي ساٿي وڪيلن جيان اها وڪالت دولت، مال ملڪيت گڏ ڪرڻ لاءِ نه ڪئي، پر ان کي پنهنجي ماڻهن جي خدمت جو ذريعو بڻايو. وڪالت مان کيس جيڪي ٻه چار ڏوڪڙ حاصل ٿيندا هئا، اهي گهر جي دال ماني، ڪتابن، پمفليٽ ڇپائڻ، جلسا، جلوس ڪرائڻ تي خرچ ڪري ڇڏيندو هو. سندس زندگي ڪل موڙيءَ جو اندازو آخري وقت ۾ لکيل سندس هن جملي مان لڳائي سگهجي ٿو: ’مان هن وقت بلڪل فقير ٿي چڪو آهيان يعني جيڪي سموري عمر وڪالت جي ڌنڌي مان لکين روپين جي انداز ۾ ڪمايم سي سڀ وطن ۽ ان جي ماڻهن جي بهتري لاءِ سياست ۾ اچي خرچ ڪري ڇڏيم، ڇاڪاڻ ته هن ملڪ ۾ سچي سياست جي ميدان ۾ پنهنجي جان، مال سڀ ڪجهه قربان ڪرڻو ٿو پوي. زماني جي حڪومتن گهر زمينون به سياسي عداوت ڪري کسجي وڃن ٿيون. هن وقت مون وٽ 1500 رپيا ۽ ڪپڙا اٿم.‘

قاضي فيض محمد جيڪو به ڪم ڪيو، اُهو خاموشي سان ڪيو ۽ خود ثنائي کان مٿانهون رهيو. سندس چوڻ هو ته: ’ماڻهو چوندا آهن ته پنهنجي نالي کي قائم ڪجي ۽ ڪجهه ڪري وڃجي، پر پاڻ اهڙي منزل تي پهتا آهيون، جو مان سمجهان ٿو ته اهڙو خيال به وڏي نفس پرستي آهي‘. ساڳئي نموني سندس اهو به چوڻ هو ته ’مان شخصيت پرستي کان ڏاڍو ڊڄندو آهيان، عوامي شخصيت کي اجاگر ڪرڻ گهرجي، عوام کي موتي ۽ هيرو بڻائجي، شخصيت پنهنجي ليکي ڪابه شيءِ ناهي‘. قاضي فيض محمد پنهنجي ذات ۽ ڪردار ۾ گهڻ رخو نظر اچي ٿو. هُن جو جيڪو ڪم آهي، ان تي کيس جيتري به ڀيٽا ڏجي اُها گهٽ آهي.

تازو رڪ سنڌي قاضي فيض محمد جي سوانح حيات تي مشتمل ڪتاب سامهون آندو آهي، جيڪو قاضي فيض محمد فائونڊيشن ڇپرايو آهي. هن ڪتاب ۾ قاضي فيض محمد جي ننڍپڻ، تعليم، سياسي زندگي، ون يونٽ تحريڪ کان وٺي الاٽي تحريڪ ۾ ڪردار، سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل جدوجهد، ادبي ۽ ثقافتي خدمتن جو مختصر پر جامع ذڪر ٿيل آهي. رڪ سنڌي پنهنجي ٻن اکرن ۾ قاضي فيض محمد کي ڀيٽا ڏيندي لکي ٿو ته: ’قاضي فيض محمد سنڌ وطن جو سچو خادم، پورهيتن جو همدرد ۽ بهترين ساٿي هيو، پاڻ سڄي عمر سنڌي قوم جي بقا ۽ ان جي حقن جي بچاءَ جي جنگ ۾ شامل رهيا. جڏهن به، جتي به هتان جي پورهيت عوام جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ٿي، پاڻ ان ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪندا رهيا. سندن سنڌ دوستي هتان جي هارين ۽ مزدورن سان محبت هر مذهب ۽ مسلڪ کان مٿانهين رهي. پاڻ نهايت جاکوڙي انسان هئا، زندگي جي آخري گهڙي تائين حق ۽ سچ لاءِ جدوجهد ڪندا رهيا. سندن قول ۽ فعل سنڌ جي قومي تاريخ ۾ نهايت اهم جڳهه والاريندا. اهڙي قابل فخر ۽ عزت لائق انسان جي سوانح لکندي، مون ساڻن ڪيترو انصاف ڪيو آهي، ان جي شاهدي ڪي ڪتاب ڏيندو‘.

23 نومبر 1908ع تي هالاڻي ۾ جنم وٺندڙ قاضي فيض محمد 13 آڪٽوبر 1982ع تي پنهنجي آخري ساهه تائين سنڌ ۽ سنڌ جي هارين، نارين ۽ مسڪين ماروئڙن لاءِ سوچيندو رهيو. علامه مشرقي جي خاڪسار تحريڪ کان وٺي سنڌ هاري ڪميٽي، مسلم ليگ، آل پاڪستان عوامي اتحاد، سنڌ عوامي محاذ سميت جنهن به تنظيم ۾ رهيو، اُتي سنڌ جي مفادن جي رکوالي ڪندو رهيو. سنڌ ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کانپوءِ قاضي فيض محمد اُهو ٻيو ماڻهو هو، جنهن سنڌي قوم، هتان جي پورهيت عوام جي خوشحالي لاءِ هلندڙ هر جدوجهد جو ساٿ ڏنو. هتي جنهن به پورهيتن جي مفادن تي ميري اک رکي، قاضي فيض محمد ان سان ٽڪر کاڌو، هن ڪڏهن به اصولن تي سوديبازي نه ڪئي. کيس خريد ڪرڻ ۽ جهڪائڻ جون ڪيتريون ئي ڪوششون ٿيون، پر هي پنهنجي ڪاز سان ڪميٽيڊ رهيو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ پوري قوم سندس نالو عزت ۽ احترام سان وٺي ٿي ۽ سندس ذڪر سنڌ دوست ماڻهن ۾ ٿئي ٿو.

قاضي فيض محمد جي سياسي زندگي کانپوءِ سندس ادبي زندگيءَ تي نظر وجهجي ٿي ته اُها به شاندار قسم جي نظر اچي ٿي. هن ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾ پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي ماڻهن جو ڪيس وڙهيو، سندس ٽئي ناول ’جنسار‘، ’ٻاويهه سؤ ٻاويهه ع‘ ۽ ’اڻ ڄاڻ‘ شاندار ناول آهن. ’جنسار‘ ناول جيڪو هن 1954ع ۾ سکر سينٽرل جيل ۾ لکيو، ان ۾ ورهاڱي کان اڳ سنڌ جو نقشو چٽيل آهي. ان کان سواءِ ان ۾ هن سنڌ ۾ جاگيردارن جي ظلم ۽ هندو مسلمانن وچ ۾ نفاق پيدا ڪرڻ وارين سازشن کي بي نقاب ڪيو آهي. ’ٻاويهه سؤ ٻاويهه ع‘ ۾ هن مستقبل جي دنيا جو نقشو چٽيو آهي ۽ سائنسي ترقي جي فائدن کي بيان ڪيو آهي. قاضي صاحب جو هي شاهڪار ناول آهي، جيڪو وري وري پڙهڻ تي دل چوي ٿي. ساڳئي نموني سندس ناول ’اڻ ڄاڻ‘ پڻ پڙهڻ وٽان آهي. ان کانسواءِ سندس ٻيا ڪتاب ’سورن سندي سيج، دردن سندو داستان، علامه آءِ آءِ قاضي، هاري ڪميٽي ۽ الاٽي تحريڪ‘ به پنهنجي دور جي تاريخ آهن. قاضي فيض محمد جي لکڻ جو انداز سڌو ۽ کرو هيو، هو ڪابه ڳالهه رومال ۾ لکائي پيش ڪرڻ وارن مان نه هو، ڀلي ڇا به ٿي پوي، پر سچ کي جيئن جو تيئن لکڻ سندس عادتن ۾ شامل هو.

ڪتاب ’قاضي فيض محمد‘ ۾ قاضي صاحب جي زندگيءَ جي مختلف رخن کي کولي بيان ڪيو ويو آهي ۽ جيڪي ماڻهو، سندس شخصيت ۽ ڪردار جي ڪن پاسن کان اڻواقف آهن، هي ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ انهن اڳيان اُهي سمورا پاسا کُلي سامهون اچن ٿا. رڪ سنڌي ايڏي وڏي شخصيت جي سوانح حيات لکي سچ زبردست ڪم ڪيو آهي. حقيقت اِها آهي ته پاڻ هنن ماڻهن جي محنتن، خدمتن جو قرض ته نٿا لاهي سگهون، پر ههڙي نموني کين خراج ضرور پيش ڪري سگهون ٿا. سنڌ ۾ اهڙيون ڪيتريون وڏيون شخصيتون آهن، جن پنهنجي زندگيءَ ۾ وڏا ڪم ڪيا، پر اهي اڪثريت جي اکين اڳيان نمايان ناهن. جيڪڏهن اسان اهڙي نموني پنهنجين انهن شخصيتن جي ذات ۽ ڪردار تي لکون ته اِهو وڏو ڪم هوندو. قاضي فيض محمد تي جيتوڻيڪ هينئر تائين گهڻو ڪجهه لکجي چُڪو آهي، پر هن جو ڪم ايترو ته وڏو آهي، جو گهڻو لکيو به ٿورو محسوس ٿئي ٿو.

هن ڪتاب ۾ قاضي فيض محمد جي شخصيت، ان جي سياسي جدوجهد، ادبي ۽ ثقافتي خدمتن کي ڌار ڌار نموني بيان ڪيو ويو آهي. هي ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ نه رڳو قاضي فيض محمد جي ذات ۽ ڪردار جي پروڙ پوي ٿي، پر سچ ته دل ۾ ان لاءِ عزت ۽ احترام جو جذبو اڃا وڌي وڃي ٿو. قاضي صاحب پنهنجي ڪجهه سالن جي ڄمار ۾ صدين جيترو ڪم ڪري ويو آهي. سندس ڪردار کي هي قوم ڪڏهن به وساري نه سگهندي. هن پنهنجي ماڻهن لاءِ جيڪا جدوجهد ڪئي، اُها تاريخ جي ورقن ۾ سدائين ياد رکي ويندي. پاڻ پنهنجي دور جي جاگيرداراڻي ۽ سرمائيداراڻي سياست جو سخت مخالف رهيو.

هُن ڪڏهن به وزارتن لاءِ سياست نه ڪئي، پر سندس سياست جو مقصد عوام جي خدمت هو، ان جو اندازو سندس هن جملي مان به ٿئي ٿو: ’سياست قومن جي نه پر سڄي انسانذات جي زندگي آهي، خبر ناهي ته ماڻهو سياست کي ڇا ٿا سمجهن، ڪن وري ان کي بازيگري تصور ڪيو آهي، مگر انهن سڀني روپن وارا ماڻهو جاهل آهن، جن سياست جو جنازو ڪڍي، انسانذات کي تباهي جي در تي اچي بيهاريو آهي. حقيقت ۾ سياست هڪ تمام اوچي سائنس آهي، جيڪا منطقي طور تي انسانذات جي ڀلائي لاءِ ڪم آڻڻي آهي. مگر افسوس جو هتي خاص ڪري مسلمانن جي ملڪن ۾ خودپرستي جي لاءِ سياست هڪ اوزار آهي، جنهن جي معرفت پنهنجن کي ته تباهه ڪري ڇڏيائون، پر هاڻي ته سڄي دنيا جي تباهي جو ڪارڻ هي سياسي سورما بڻجي رهيا آهن‘.

ان دور ۾ جڏهن پاڻ وارا سياستدان انگريزن جا پير ڇُهي، تمغا، لقب ۽ مال ملڪيتون وٺندا هئا، تڏهن قاضي فيض محمد ان قطار ۾ بيٺل هوندو هو، جيڪي غلاميءَ کي ذلت سمجهندا هئا ۽ آزاديءَ ۾ ايمان رکندا هئا. مجموعي طور تي قاضي فيض محمد جي زندگي اسان لاءِ هڪ مثال آهي، هو سچو ۽ نيڪ نيت ماڻهو هو. اهڙا ماڻهو عوام جي دلين ۾ وسندا آهن ۽ انهن کي موت ڪڏهن به ماري ناهي سگهندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڌانڌلين جي جاچ لاءِ پارلياماني ڪاميٽي جو ٺهڻ..! 

خادم رند پاڪستان ۾ 25 جولاءِ تي ٿيل عام چوندن جي شفافيت ۽ غير جانبداري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے