16 اتوار , دسمبر 2018

ڪوڙي شاهدي ڏيڻ ظلم آهي، سچ کانسواءِ نظام نه ٿو هلي سگهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس آصف سعيد کوسا چيو آهي ته سچي شاهدي کانسواءِ عدل جو نظام نه ٿو هلي سگهي، ڪوڙي شاهد ڏيڻ اصل ظلم آهي. جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ موت جي سزا ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس آصف سعيد کوسا رمارڪس ڏيندي چيو ته پوليس جوابدار تائين پهچي وڃي ٿي پر ڪوڙ شاهد ٺهي ويندا آهن ۽ پوءِ چون ٿا ته عدالت انصاف نه ڪيو آهي پر سچي شاهدي کانسواءِ عدالتي انصاف نه ٿو هلي سگهي. جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته ڪوڙي شاهدي ڏيڻ اصل ظلم آهي، الله جو حڪم آهي ته سچي شاهدي ڏيو، الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو پر پوءِ به شاهدي گهري ويندي آهي. عدالت ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو ته فريادي ڌر ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، جنهن بعد سپريم ڪورٽ موت جي سزا جي جوابدار قمر زمان کي بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جوابدار قمر زمان 12 سالن کان قتل ڪيس ۾ قيد هو، جوابدار کي ٽرائل ڪورٽ موت جي سزا ٻڌائي ۽ هاءِ ڪورٽ سزا کي برقرار رکيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پ پ جي جمهوريت لاءِ جدوجهد وقت عمران خان سياسي طور پيدا به نه ٿيو هو: قمر زمان ڪائرا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائرا چيو آهي ته جنهن وقت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے