12 بدھ , دسمبر 2018

عمران خان چاهي ٿو ته ان کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ ان جي مشهوري وڌي وڃي: احسن اقبال

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته دعا آهي ته معمول جا واقعا معمول ۾ ئي رهن، هن چيو ته رينجرز ۽ ايف سي گهرو وزارت جي ماتحت آهن، نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته سرحدن جي حفاظت ڪندڙ نوجوانن تي فخر آهي، هن چيو ته عدليه ٻاهران وڪيلن تي تشدد جي واقعي جي جاچ ٿي رهي آهي، هن چيو ته رينجرز سان ڪڏهن تڪرار نه هيو، احسن اقبال چيو ته هڪ انتظامي واقعو پيش آيو هيو، رينجرز جي رپورٽ جو انتظار آهي، ادارن سان ڪا ڇڪتاڻ ناهي، هن چيو ته عدالت ۾ جڳهه مخصوص آهي، 25 ماڻهن جي ويهڻ جي جڳهه آهي، هر وڪيل نٿو وڃي سگهي، نوان ٽيڪسز امپورٽيڊ آئٽمز تي لڳايا ويا آهن، پاڪستان تي ڪرنٽ اڪائونٽ جو دٻاءُ آهي، عمران خان چاهي ٿو ته ان کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ ان جي مشهوري وڌي وڃي، هن چيو ته عمران خان 26 آڪٽوبر تي پيش ٿي رهيو آهي، عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جي حق ۾ ناهيان.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جيڪڏهن داغدار ماڻهن کان پئسا نه وٺي سگهياسين ته اسان کي حڪومت جو حق ناهي: فواد چوڌري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري مخالف ڌر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے