12 بدھ , دسمبر 2018

پوجا ڀٽ جي طلاق جو سبب سامهون اچي ويو

نئين دهلي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪارا پوجا ڀٽ جي شادي جي 10 سالن کان پوءِ اوچتو طلاق ٿي وئي پر اڄ تائين تمام گهٽ ماڻهن کي ئي اها خبر آهي ته اداڪارا جي طلاق ڇو ٿي. ڀارتي اداڪارا ۽ هدايتڪار پوجا ڀٽ جو نالو ماضيءَ جي باليووڊ جي خوبصورت اداڪارائن سان گڏ ورتو ويندو هو، فلم ”پاپ“ کان پوءِ پوجا ڀٽ منيش مکيجا سان شادي ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. ٻنهي جي شادي 11 سالن تائين قائم رهي جنهن کانپوءِ ٻنهي جي وچ ۾ عليحدگي ٿي وئي. هڪ انٽرويو ۾ پوجا ڀٽ جو چوڻ هو ته اسان ٻنهي جي زندگي ۾ تمام فرق هو  تنهن ڪري اسين ٻئي گڏ نه رهي سگهياسين ۽ اسان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪيو. ڀارتي ميڊيا مطابق منيش مکيجا پوجا ڀٽ جي پهرين محبت هئي ان ڪري هوءَ کيس شادي کانپوءِ به وسري نه سگهي هئي. ڀارتي ميڊيا مطابق پوجا ڀٽ جي اڳوڻي مڙس منيش مکيجا کي شراب ۽ نشي جي عادت هئي جنهن سبب هو پوجا ڀٽ کي مار ڪٽ ڪندو هو، هڪ ڏينهن پوجا جي ڀاءُ کي اها خبر پئي ۽ هن منيش مکيجا کي مار ڪُٽ ڪئي جنهن ڪري منيش پوجا کان عليحدگي اختيار ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Ranbir Kapoor a great guy for Alia: Mahesh Bhatt

عاليا ۽ رنبير وچ ۾ محبت جو رشتو آهي: مهيش ڀٽ

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ ۾ اڄڪلهه فلمي ستارن جي شادين جو سيزن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے