17 ہفتہ , نومبر 2018

تباهي ڪناري پهتل سنڌ جي تعليم:قاسم سوڍر

ڪافي عرصي کان وٺي سنڌ جي تعليم خاص طور يونيورسٽين جي تعليمي صورتحال منهنجي لکڻين جو اهم موضوع رهندو پيو اچي. مون پنهنجي مضمونن ۾ سنڌ جي تباهه ٿيل ۽ تباهه ٿيندڙ تعليم جو نوحو به پئي پيش ڪيو آهي ته ساڳئي وقت ان تباهي کي روڪڻ ۽ سنڌ جي ٻارڙن ۽ نوجوانن جو مستقبل بهتر بڻائڻ لاءِ، مختلف وقت تي تجويزون به ڏيندو رهيو آهيان. جيتوڻيڪ مان نه ته ڪنهن يونيورسٽي يا ڪاليج جو ڪو پروفيسر يا ليڪچرر آهيان ۽ نه ئي وري انتظاميه جو ماڻهو آهيان، پر هڪ شاگرد ۽ سنڌ جي فرد هئڻ ناتي، مون اهو هميشه پنهنجو فرض پئي سمجھيو آهي ته، پنهنجي تجربي ۽ مشاهدي جي روشني ۾، پنهنجي تجويزن کان پڙهندڙن کي آگاهه ڪندو رهان.

جيتوڻيڪ اڄ ڏٺو وڃي ته پوري سنڌ جي تعليمي صورتحال ان نهج تي پهتل آهي جو سنڌ جي هر باشعور ۽ تعليم دوست ماڻهو جون اکيون رت روئين ٿيون. ان تعليم تي ڏک جو اظهار ۽ ان الميي کي زباني طور نجي گڏجاڻين ۾ نندڻ وارا ته کوڙ سارا ماڻهو ملي وڃن ٿا، پر ان تباهي کي روڪڻ لاءِ ڪي جوڳا اپاءَ وٺڻ لاءِ، سنڌ جي انهن ئي باشعور ماڻهن جي اڪثريت تيار ئي نه آهي. سنڌ جي ساڃاهوندن وٽ جواز هوندو آهي ته ان تباهي کي سياسي ڌريون ئي روڪي سگھن ٿيون. ٻئي طرف، سنڌ جي سياسي ڌرين جو وري سڄو زور سنڌ ۽ وفاقي حڪومت تي تنقيد ڪرڻ ۾ لڳايو ويندو آهي جيڪو مثبت به آهي. پر ان کان وڌيڪ ٻه قدم اڳتي وڌي به گھڻو ڪجھ ڪري سگھجي ٿو، جنهن حوالي سان اهم ڪم پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ۽ ساڃاهوندن طرفان پنهنجي ضلعي ۽ تعلقي سطح تي بند پيل پرائمري اسڪول کولرائڻ ۽ يونيورسٽين اندر شاگرد تنظيمن طرفان ماراماري کي الوداع چئي، حقيقي تعليمي دوستي ڏانهن وڌي سگھجي ٿو.

سنڌ جي سياسي ۽ ساڃاهوند ڌرين جي تعليم جي بهتري ۾ ڪردار جي حوالي سان ڪجھ ڏينهن پهرين حيدرآباد ادبي ميلي ۾ چيل سائين امر جليل جي انهن لفظن ته، “سنڌ جي تعليم لانگ بوٽن وارن ۽ پنجابين اچي تباهه نه ڪئي آهي، پر ان تعليم جي تباهي ۾ اسان پاڻ ملوث آهيون”، ٻرنديءَ تي تيل وارو ڪم ڪيو، ۽ اسان جا ڪيترائي سياسي ۽ ادبي دوست سائين امر جليل خلاف ميدان تي اچي ويا. هاڻي جيڪڏهن سائين امر جليل جي انهن لفظن تي غور ڪيو وڃي ته اهي لفظ ڪافي حد تائين صحيح آهن، ها البته جيڪڏهن انهن ۾ “به” يعني “تعليم جي تباهي جا اسان به زميوار آهيون” جو اضافو ڪيو وڃي ها ته وڌيڪ بهتر ٿئي ها. ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه ته پڌري پٽ پئي آهي ته، سنڌ ۽ عوام دشمني جون پاليسيون مٿين قوتن طرفان ئي جوڙيون وڃن ٿيون، پر انهن ناپاڪ پاليسين کي ناڪام بڻائڻ يا روڪڻ ۾ اسان ڪيترو ڪردار ادا ڪيو آهي؟ ان تي جڏهن غور ڪجي ٿو ته پوءِ سائين امر جليل جا لفظ ڪافي حد تائين صحيح لڳن ٿا.

جيتوڻيڪ، سائين امر جليل صاحب به هڪ انسان آهي، ان جي لکڻين ۽ ڳالهين تي تنقيد ۽ حمايت ڪرڻ هر ڪنهن جو حق آهي. پر گھٽ ۾ گھٽ اسان جي دوستن کي اهو ضرور سوچڻ گھرجي ته جڏهن به اهي ڪنهن تي تنقيد ڪن ٿا ته ان کان پهرين فقط اهو ڏسڻ جي ڪوشش ڪن ته اهي پاڻ ڪيتري حد تائين عوامي ڀلائي جي ڪمن ۾ رڌل آهن. بهرحال، جيتستائين اسان ان تباهي کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ ڪو جوڳو ڪردار ادا نٿا ڪريون، تيستائين سنڌ جي تعليم جي تباهي جي ذميواري کان اسان پاڻ کي مڪمل طور آجو قرار نٿا ڏيئي سگھون.

سنڌ جي ابتر تعليمي صورتحال جو اندازو ان ڳالهه منجھان ئي لڳائي سگھجي ٿو ته، هڪ طرف سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن طرفان ۽ حڪمرانن جي مهربانين سان تعليمي ادارن ۾ رشوت ۽ پنهنجا نوازڻ وارو عمل عروج تي آهي ته، ٻئي طرف سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ڪاپي ڪلچر جي ڌم متل رهي ٿي. ٽئين طرف، استاد لڏو آهي جيڪو چوڻ ۾ ته شاگردن جي والدين جي برابر آهي، پر جهڙي نموني هن طرفان پنهنجي ئي اولاد جهڙن ٻارڙن سان ظلم جي انتها ڪندي، ٻارڙن کي تعليم کان محروم بڻايو وڃي ٿو، سو به هڪ دل آزاريندڙ الميو آهي. جيتوڻيڪ، پرائمري کان ويندي يونيورسٽي سطح تائين هر تعليمي ادارو اهم آهي، پر يونيورسٽين جي تمام گھڻي اهميت آهي. ڇاڪاڻ ته يونيورسٽين جو اهم ڪم ئي معياري تحقيق کي هٿي وٺرائڻ آهي، جنهن سان نه صرف ان يونيورسٽي پر ملڪ جو نالو پڻ پوري دنيا ۾ روشن ٿئي ٿو. پر افسوس ته سنڌ اندر وري تعليم جو ٻيڙو انهن ئي يونيورسٽين ۾ پڻ ٻڏل آهي، جنهن جو اهم مثال مادرعلمي سنڌ يونيورسٽي به آهي، جيڪا پاڪستان توڙي دنيا ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪري ٿي.

هڪ طرف سنڌ يونيورسٽي کي سنڌ جي هڪ وڏي ۾ وڏي يونيورسٽي جو درجو حاصل آهي جنهن ۾ هزارين سنڌ جا نوجوان شاگرد ۽ شاگردياڻيون زير تعليم آهن، ته ٻئي طرف ساڳي ئي يونيورسٽي گذريل ڏهاڪن کانوٺي اوباش قسم جي شاگردن ۽ ڪوڙن ڪامريڊن جي آماجگاهه پڻ رهي آهي. انهن اوباش ۽ ڪوڙن ڪامريڊن کي جواز بڻائي ئي رياستي ادارن پڻ يونيورسٽي ۾ پنهنجو ديرو ڄمايو آهي جنهن سان سنڌ يونيورسٽي ۾ هاڻي حقيقي شاگرد دوست سياست جا پيچرا پڻ بند ڪيا ويا آهن.

سنڌ يونيورسٽي جو ماضي ڏاڍو زبردست رهيو آهي ڇاڪاڻ ته ان ئي يونيورسٽي سنڌ اندر شاگرد جدوجهد کي نوان پيچرا ڏيئي، ان کي اڀاريو. اهي سنڌ يونيورسٽي جا شاگرد ئي هئا، جن ان وقت جي سنڌي شاگرد دشمن حيدرآباد جي ڪمشنر مسرور خلاف ڀرپور احتجاج ڪيو، جنهن عيوض ڪامريڊ ڄام ساقي، سائين يوسف لغاري ۽ سائين مسعود نوراني سميت ڪيترن ئي شاگردن تي تشدد ڪيو ويو ۽ انهن کي جيل جي هوا چکائي وئي. بهرحال ان باوجود به شاگرد لڏو ميدان تي بيٺو رهيو ۽ انهن شاگرد جدوجهد کي سنڌي ٻولي جي بچاءِ ۽ ون يونٽ جهڙي لعنت خلاف هليل جدوجهد سان ڳنڍي، هڪ نئين تاريخ رقم ڪئي. پر ان سڀ ڪجھ هئڻ باوجود بعد ۾ آخر سنڌ يونيورسٽي کي ڪنهن جي نظر لڳي وئي؟

سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن جي عظيم جدوجهد ئي اڳيان هلي عوام دشمن قوتن کي اک جي ڪنڊي جيان چڀڻ لڳي، جن شاگرد سياست جي نالي ۾ يونيورسٽي اندر غنڊا ڀرتي ڪرڻ شروع ڪيا. هاڻي شاگرد سياست خد شاگردن جي والدين جي نظر ۾ پڻ هڪ خراب ڪم ليکجڻ لڳو. جيتوڻيڪ 4 مارچ واري تحريڪ کان اڳ ۽ ڪجھ عرصو بعد تائين جي شاگرد جدوجهد کي ڏٺو وڃي ته ان وقت والدين پنهنجي اولاد تي فخر ڪندا هئا ته سندن اولاد سنڌ جي حقن خاطر تعليم سان گڏوگڏ عملي سياست ۾ پڻ پاڻ ملهائي رهيو هو، پر مٿين ڌرين جي مهربانين سان منفي شاگرد سياست ذريعي شاگرد تنظيمن کي اهڙيءَ طرح هڪٻئي خلاف ڀڙڪايو ۽ ميدان تي لاٿو ويو، جو هاڻي بجاءِ پنهنجي گڏيل دشمن خلاف مورچا سڌا ڪرڻ جي، الٽو شاگرد تنظيمون هڪٻئي جا ڄنڊاپٽ ڪرڻ لڳيون.

مان خد 2009ع کان 2010ع تائين سنڌ يونيورسٽي جو شاگرد رهيو آهيان، ان وقت جي ماحول کان مان چڱيءَ طرح واقف آهيان ته ڪهڙيءَ طرح اسان ڪلاس وٺندا ۽ يونيورسٽي تائين پهچندا ۽ واپس حيدرآباد ڏانهن ورندا هئاسين. مطلب ته هر وقت غيريقيني واري ڪيفيت دماغ تي سوار هوندي هئي ته خبر ناهي ڪجھ گھڙين کانپوءِ ڇا ٿئي. اسان سنڌي شاگرد تحريڪ (ايس ايس ٽي) سان لاڳاپيل ڪجھ دوستن ڪيترائي ڀيرا ڪوشش ڪئي ته يونيورسٽي اندر اسٽڊي سرڪل هلائڻ جو بندوبست ڪجي. پر حالت اها هئي ته هڪ ٻه ڀيرا اسٽڊي سرڪل لاءِ سينٽرل لائبريري پٺيان گھرايل گڏجاڻي تي هڪ ٻن قومپرست پارٽين جي ڪارڪنن هوائي فائرنگ ڪري، شاگردن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو. اهو ته صرف شاگردن سان ويل هو پر ساڳئي وقت استادن سان بدتميزي ڪرڻ، انهن کي بائيڪاٽ جو چئي، ڪلاسن مان زبردستي ڪڍڻ پڻ معمول بڻيل هو.

ان سڄي صورتحال ۾ ڏٺو وڃي ته استادن جي تنظيمن سوٽا وغيرهه وٽ اهو جواز هو ته انهن طرفان استادن سان ٿيندڙ تعدين ۽ تعليم دشمن سرگرمين خلاف ڪو ائڪشن ورتو وڃي ها، پر افسوس ته انهن طرفان به سواءِ اليڪشن ڪرائڻ ۽ هڪٻئي سان تضادن جي باقي ٻيو مڙيئي خير لڳو پيو هو. استادن جا حواس ان وقت بتال ٿيا، جڏهن پروفيسر بشير چنڙ کي ڏينهن ڏٺي جو يونيورسٽي ۾ قتل ڪيو ويو. جيتوڻيڪ ان کان پهرين هر سيمسٽر ۾ هڪ ٻه شاگرد موت جو کاڄ بڻجندا رهندا هئا، پر افسوس ته استادن طرفان انهن شاگردن کي پنهنجو اولاد ئي نه سمجھيو ويندو هو. جيڪڏهن ڪجھ استاد ان عمل کي غلط به سمجھندا هئا ته، اهي تمام ٿورا ۽ ڪمزور هئا، جيڪي چاهيندي به ڪجھ نه ڪري سگھندا هئا. بهرحال، پروفيسر چنڙ جي قتل کانپوءِ استاد تنظيمون سراپا احتجاج بڻيون پر انهن جي احتجاج جو طريقو به ماشاءَالله اهڙو هو، جو لڳي ائين رهيو هو ته جهڙوڪ ان جي سزا وري به يونيورسٽي جي هزارين شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڏني پئي وئي، جنهن سان يقينن شاگرد دشمن قوتن جو ئي ڀلو ٿي رهيو هو. مطلب ته استاد وري ڪلاسن ۽ امتحانن جي بائيڪاٽ تي لهي آيا!!!

تازو 18 اپريل تي سنڌ يونيورسٽي ۾ هڪ واقعو رونما ٿيو آهي جنهن ۾ هڪ شاگردياڻي کي جنسي هراسان ڪرڻ جو معاملو منظرعام تي آيو آهي. اها خبر جيتوڻيڪ هڪ ٻه ڏينهن بعد ميڊيا جي زينت بڻي، جنهن کانپوءِ ڪجھ شاگرد تنظيمون ۽ کاٻي ڌر جا ڪجھ دوست ميدان تي اچي، ان واقعي کي نندڻ لڳا. ميڊيا تي اها خبر پوائنٽ ڊرائيور طرفان هڪ شاگردياڻي سان جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش طور سامهون آئي، پر بعد ۾ استاد تنظيم جي اڳواڻ محترمه عرفانه ملاح طرفان شاگردياڻي سان ملڻ کانپوءِ خبر سامهون آئي ته، ڊرائيور فقط شاگردياڻي سان ڪجھ ان قسم جون ڳالهيون ضرور ڪيون پر هن جنسي ڏاڍائي جي ڪا به ڪوشش نه ڪئي. بهرحال، ان خبر کانپوءِ هڪ طرف ڪجھ شاگرد تنظيمون واقعي خلاف سراپا احتجاج هيون ته، ٻئي طرف وومين ائڪشن فورم جي اڳواڻ محترمه امر سنڌو ۽ محترمه عرفانه ملاح تي تنقيد پڻ ٿيندي رهي. ان تنقيد کانپوءِ محترمه امر سنڌو سوشل ميڊيا تي اچي اهو لکيو ته ميڊيا ان واقعي کي غلط رپورٽ ڪندي، وڌائي پيش ڪيو آهي. محترمه امر سنڌو جي بقول اهو واقعو جنسي هراسان (سيڪسيوئل هراسمينٽ) جي ذمري ۾ نٿو اچي.

ان معاملي کي سمجھڻ لاءِ ڪجھه ڳالهيون سمجھڻ انتهائي ضروري آهن. سنڌ جي ماڻهن کي سمجھڻ گھرجي ته ڪجھه ڏينهن پهرين کانوٺي استادن طرفان ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪيل هو جنهن تي ڪيترائي ماڻهو ۽ ميڊيا استاد تنظيم جي اڳواڻن تي تنقيد ڪري رهيا هئا. ان کان ڪجھ ڏينهن بعد اهو شاگردياڻي کي هراسان ڪرڻ وارو واقعو ٿيو، جنهن يقينن استاد تنظيم جي محنت تي في الحال پاڻي ڦيري ڇڏيو ڇاڪاڻ ته هاڻي ميڊيا توڙي هر ماڻهو جو ڌيان ان واقعي ڏانهن هليو ويو. مزي جي ڳالهه اها آهي ته وومئن ائڪشن فورم جون اڳواڻ امر سنڌو ۽ عرفانه ملاح ئي استاد تنظيمن جون ڪرتاڌرتا به آهن، سو معاملو گڙٻڙ ٿي ويو. جيڪڏهن اهي وومئن ائڪشن فورم جي پلئٽ فارم تان ان واقعي کي سيڪسيوئل هراسمينٽ جو واقعو ڄاڻائي ان خلاف احتجاج ڪن پيون ته ٻئي طرف سندن مطالبو ۽ احتجاج في الحال رئي مٽي ٿي پئي ويو. ساڳئي وقت سنڌ جو ساڃاهوند طبقو ۽ سماجي ميڊيا تي ڇانيل ڪجھ نوجوان به ان معاملي تي ورهائجي ويا، جيڪي بجاءِ معاملي کي انسانيت جي نظر سان ڏسڻ ۽ ان تي راءِ قائم ڪرڻ جي، صرف ذاتي انائن خاطر مخالفت ۽ حمايت کي لڳي ويا.

منهنجي خيال ۾ اهو سڀن جو فرض آهي ته بجاءِ معاملي کي ذاتي انائن جي ور چاڙهڻ جي، ايمانداري جي بنياد تي ان تي پنهنجي راءِ قائم ڪرڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ کي لازمي بڻايو وڃي. هاڻي ته ان معاملي کي به طبقاتي پسمنظر ۾ ڏسڻ جي ڪوشش جاري آهي ته ڊرائيور هيٺئين طبقي يعني پرولتاري طبقي منجھان آهي، تنهن ڪري ان خلاف وٺ پڪڙ ڪئي پئي وڃي. پر ٻئي طرف استاد جيڪي پڻ جنسي هراسان جي واقعن ۾ ملوث آهن، تن جي خلاف ڪو ٻڙڪ ٻاهر نٿو ڪڍي.

ان حوالي سان انهن ماڻهن کي گذارش آهي ته خدارا جڏهن ڪو اهڙو واقعو جنهن ۾ ڪنهن استاد جي ملوث هجڻ جي شاهدي سامهون ايندي ۽ ان جو شڪار بڻايل ڪا شاگردياڻي ميدان تي اچي آواز بلند ڪندي ته ان خلاف به احتجاج ڪبو. ڇا پهرين اهو ڪڏهن ٿيو آهي ڇا ته اهڙو ڪو واقعو ٿيو هجي پر پوءِ به شاگرد تنظيمون يا اڄ ڪلهه آواز اٿاريندڙ ڌريون خاموش رهيون هجن؟ تنهن ڪري معاملي کي رئي مٽي ڪرڻ لاءِ ان کي طبقاتي رنگ ڏيڻ جي ناڪام ڪوشش نه ڪرڻ گھرجي. ٻئي طرف افسوس آهي انهن عورتازاد (فيمنسٽ) سڏائيندڙن تي جيڪي پڻ مفاهمت جو چوغو پائي يا ته ان واقعي تان ماڻهن جو ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، يا وري چپ جو روزو رکيو ويٺا آهن. بهرحال، اها ڳالهه سمجھڻ گھرجي ته سيڪسيوئل هراسمينٽ فقط ڏاڍائي ڪرڻ ئي نه پر ان جي ڪوشش ڪرڻ به ان ئي ذمري ۾ اچي ٿو، جنهن حوالي سان هي ڪيس سڌو ان ذمري ۾ اچي ٿو. ان واقعي خلاف شاگرد تنظيمن جو متحد بڻجي ميدان تي اچڻ يقينن مثبت ڳالهه آهي، جنهن سان هڪ طرف منفي شاگرد سياست اڳيان بند ٻڌي سگھجن ٿا ته، ٻئي طرف استاد تنظيمن جي هڪ هٽي ۽ هرروز تعليمي سرگرميون معطل ڪرڻ وارن ڪارنامن کي پڻ ٻنجو ڏيئي سگھجي ٿو.

اهو ڪيڏو نه الميو آهي ته هڪ طرف سنڌ جي تعليم جو ٻيڙو ٻڏل آهي جو هاڻي سنڌ يونيورسٽي جهڙي سنڌ جي اهم اعلي اداري اندر نياڻين جون عزتون به محفوظ نه رهيون آهن. بهرحال، جيڪڏهن سنڌ جي تعليم کي بهتر بڻائڻو آهي ته ان لاءِ نه صرف نيڪ نيتي اپنائڻي پوندي پر ان سان گڏوگڏ عمل جي ميدان ۾ به اچڻو پوندو. مان هن مضمون جي ذريعي انهن سياسي، سماجي ۽ ساڃاهوند ڌرين سان مخاطب آهيان، جيڪي هرروز تعليم جي بهتري جون ڳالهيون ڪندي ٿڪجن نٿا ته، انهن منجھان ڪيترن پنهنجي آس پاس بند پيل اسڪولن يا فقط ڪاغذي ڪاروائي طور هلندڙ اسڪولن کي کولرائڻ ۾ ڪو ڪردار ادا ڪيو آهي؟ اسان جي گھڻن دوستن ڪاپي ڪلچر ختم ڪرائڻ جي مطالبي کان پهرين، اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڙهائيندڙ استادن کي معياري تعليم ڏيڻ لاءِ مجبور ڪيو آهي؟ ٻيو ته ڇڏيو پر انهن باشعور فردن جن مالي حيثيت به بهتر آهي، تن منجھان گھڻن جا ٻار سرڪاري تعليمي ادارن ۾ پڙهن ٿا؟ جيڪڏهن انهن جو اولاد ئي سرڪاري تعليمي ادارن ۾ نٿو پڙهي ته باقي پوءِ اهي ڪيئن سرڪاري تعليمي ادارن ۾ تعليم جي بهتري لاءِ جاکوڙيندا.

تنهنڪري منهنجي سنڌ واسين کي گذارش آهي ته اچو ته پاڻ سنڌ جي تعليم جي سڌاري جي شروعات پنهنجي ڳوٺ، شهر ۽ آس پاس جي علائقن کان ڪيون، جتي جيترا به پرهيا لکيا ۽ سرنديءَ وارا ماڻهو رهن ٿا تن کي علائقي جي لاڳاپيل تعليمي آفيسر سان ملي ڪري، اسڪولن کولرائڻ کان ويندي، اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ تعليمي معيار کي بهتر بڻائن ذريعي ڪاپي ڪلچر جي خاتمي لاءِ مهم هلائڻ گھرجي. ساڳيءَ طرح، يونيورسٽين بشمول سنڌ يونيورسٽي جي تعيلم جي سڌاري ۽ اتي ٿيندڙ نياڻين سان زيادتين خلاف پڻ سڀن کي ميدان تي اچڻ گھرجي. انهن بيمارين کي ختم ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهرين مفاهمت جو چوغو لاهي ۽ عمل جي ميدان ۾ اچڻو پوندو

[email protected]

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان جو لڳاتار يارهين سيريز کٽڻ جو ريڪارڊ:سرمد سولنگي

گذريل ٻن ورهين کان پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم 30 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون آهن، جن مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے