20 ہفتہ , اکتوبر 2018

نواز شريف تي فليگ شپ انويسٽمينٽ جي ريفرنس ۾ فرد جرم لاڳو، ڏوهه قبولڻ کان انڪار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف تي فليگ شپ انويسٽمينٽ جي نيب ريفرنس ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي. فرد جرم نواز شريف نمائندي ظافر خان جي موجودگيءَ ۾ لاڳو ڪيو ويو، جڏهن ته هن ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ فليگ شپ انويسٽمينٽ ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي وئي. ٻڌڻي دوران نواز شريف عدالت ۾ پيش نه ٿيو ۽ سندس نمائندي ظافر خان جي موجودگيءَ ۾ جج محمد بشير فرد جرم لاڳو ڪيو، جڏهن ته نواز شريف جي نمائندي ظافر خان ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو. فرد جرم جي متن ۾ ڪيپٽل ايف زيڊ اي جو ذڪر شامل آهي. متن ۾ چيو ويو آهي ته نواز شريف 2007ع کان 2014ع تائين ڪيپٽل ايف زيڊ اي جو چيئرمين رهيو آهي ۽ پگهار به کڻندو رهيو آهي. متن موجب نواز شريف پنهنجي پگهار کي اثاثو هئڻ باوجود گوشوارن ۾ ظاهر نه ڪيو، نواز شريف جي آءِ ٽي کي بيان ڏنو ته هو ڪمپني جو شيئر هولڊر آهي، جڏهن ته هن سپريم ڪورٽ ۾ به بيان جمع ڪرايو. فرد جرم ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته 1989ع ۽ 1990ع ۾ حسين ۽ حسين نواز پنهنجي والد جي سنڀال هيٺ رهيا، حسن نواز پنهنجي والد جا اثاثا ڏسندو هو، هن 1990ع کان 1995ع تائين جو رڪارڊ جمع ڪرايو، نواز شريف وزيراعظم ۽ وڏي وزير جي عهدي تي مقرر رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب قونصل خاني ۾ صحافي جمال خاشقجي جي قتل جي تصديق ڪري ڇڏي

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب پنهنجي استنبول قونصل خاني ۾ صحافي جمال خاشقجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے