24 بدھ , اکتوبر 2018

ڊراما خان عدالتي اشتهاري مفرور آهي، ان تي ڪهڙي ڳالهه ڪريان: مولانا فضل الرحمان

چنيوٽ (ويب ڊيسڪ): جي يو آءِ (ف) سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ادارن تي تنقيد سان پرڏيهي فائدو وٺي رهيا آهن، اسيمبلي ۾ ايندڙ بل، ان جي پٺيان لڪل ماڻهن جي حقيقت تائين وينداسين، هن چيو ته ورهايل ۽ پاس ڪيل احتساب بل ۾ فرق هيو، شريف خاندان خلاف احتساب جو عمل ادارن شروع ڪيو آهي، احتساب جو عمل وسيع ۽ اڻ ڌريي طريقي سان ٿيڻ گهرجي، ڊراما خان عدالتي اشتهاري مفرور آهي، ان تي ڪهڙي ڳالهه ڪريان، ڪرپشن جي خاتمي جون ڳالهيون ڪندڙ ڊراما خان جا سياسي بغل ٻار ڪير آهن، سڀ ڄاڻيون ٿا، هن چيو ته امپائر جي آڱر جون ڳالهيون ڪندڙن کان مني ٽريل نه پئي ورتي وڃي، ڊراما خان هاڻي عدالتن کي منهن ڏيڻ جو خوف محسوس ڪري رهيو آهي، ختم نبوت جي معاملي تي سموريون ديني ۽ سياسي جماعتون متفق آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نهال هاشمي جي بيان خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نهال هاشمي جي پاڪ فوج خلاف بيان تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے