12 بدھ , دسمبر 2018

عامر خان جي فلم ”سيڪريٽ سپر اسٽار“ مداحن کي متاثر ڪرڻ ۾ ناڪام

ممبئي (شوبز  نيوز) باليووڊ سپر اسٽار عامر خان ۽ زائرا وسيم جي فلم ”سيڪريٽ سپر اسٽار‘‘ رليز جي پهرين ڏينهن اميدن مطابق ڏسندڙن کي متاثر نه ڪري سگهي. فلم ”دنگل“ جي ڪاميابي کانپوءِ باليووڊ مسٽر پرفيڪٽ عامر خان جي نئين فلم ”سيڪريٽ سپراسٽار“ جو انتظار مداح بي صبري سان ڪري رهيا هئا، عامر خان به پنهنجي فلم جي حوالي سان تمام پرجوش هو ۽ فلم جي مشهور مهم لاءِ ترڪي جو دورو به ڪيو هو، گذريل ڏينهن مداحن جو انتظار ختم ٿيو ۽ فلم رليز ٿي وئي. فلم جي ريليز کان اڳ اميد ڪئي پئي وئي ته عامر جي هي فلم به ”دنگل“ جيان ڪامياب ٿيندي ۽ ٻين فلمن کي پوئتي ڇڏيندي ۽ غير معمولي بزنس ڪندي. باليووڊ تجزيي نگارن پاران چيو پئي ويو ته فلم پهرين ڏينهن 15 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ بزنس ڪندي پر فلم پهرين ڏينهن 10 ڪروڙ به نه ڪمائي سگهي. فلم ڀارت سميت سڄي دنيا ۾ 2840 سينما گهرن ۾ پيش ڪئي وئي پر فلم ڏسندڙن کي متاثر نه ڪري سگهي ۽ رليز جي پهرين ڏينهن ئي فلم گهٽ بزنس ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Ranbir Kapoor a great guy for Alia: Mahesh Bhatt

عاليا ۽ رنبير وچ ۾ محبت جو رشتو آهي: مهيش ڀٽ

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ ۾ اڄڪلهه فلمي ستارن جي شادين جو سيزن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے