12 بدھ , دسمبر 2018

ٽورنٽو هوائي اڏي تي پي آءِ اي جي جهاز سان ري فيول گاڏي ٽڪرائجي وئي

ٽورنٽو( ويب ڊيسڪ ) ڪئنيڊا جي ٽورنٽو ايئر پورٽ تي پي آءِ اي جي جهاز سان تيل ڀريندڙ گاڏي ٽڪرائجي وئي جنهن سبب جهاز کي نقصان پهتو.  قومي ايئر لائين جي ترجمان مشهود تاجور موجب ٽورنٽو مان لاهور روانگي لاءِ هوائي اڏي تي جهاز ۾ تيل ڀرڻ دوران ري فيول گاڏي جهاز جي انجڻ سان ٽڪرائجي وئي. هن چيو ته گاڏيءَ جي ٽڪر ۾ جهاز کي نقصان پهتو جنهن کي مرمت لاءِ هينگر منتقل ڪيو ويو آهي. ترجمان جو چوڻ آهي ته جهاز سان پيش آيل واقعي سبب پي ڪي 798 اڏام 16 ڪلاڪ دير جو شڪار ٿي وئي آهي جيڪا اڄ رات 9 وڳي لاهور مان اڏام ڪندي. ترجمان موجب جهاز جي مسافرن کي مقامي هوٽل ۾ رهائش فراهم ڪئي وئي آهي ۽ پريشانيءَ تي ادارو مسافرن سان معذرت ڪري ٿو. هن چيو ته ٽورنٽو ايئرپورٽ تي پي آءِ اي کي سروس فراهم ڪندڙ ڪمپني کان واقعي کان آگاهه ڪري وضاحت طلب ڪئي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آمريڪا پاڪستان کي مذهبي پابندين جي خاص ڳڻتي واري فهرست مان ڇوٽ ڏئي ڇڏي

واشنگٽن( ويب ڊيسڪ)  آمريڪا مذهبي آزادي جي ڀڃڪڙي بابت خاص ڳڻتي واري فهرست ۾ شموليت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے