12 بدھ , دسمبر 2018

آمريڪا ۽ ڀارت گهڻو ويجهو اچي چڪا آهن، ملڪ جي عزت جو هر حال ۾ خيال رکڻو پوندو: شيري رحمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته پاڪ – آمريڪا لاڳاپا گهٽ وڌ ٿيندا رهيا آهن، آمريڪا ۽ ڀارت هڪٻهي جي گهڻو ويجهو اچي چڪا آهن، ان معاملي ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ لاڳاپن جو زوال وڌيڪ رهيو آهي. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شيري رحمان جو چوڻ هو ته اسان کي آمريڪا کي پنهنجي ترجيحن کان آگاهه ڪرڻ گهرجي، آمريڪا کي افغانستان بابت کٽڪن تي آگاهي ڏيڻي پوندي، آمريڪا جي فريم ورڪ ۾ پنهنجي ترجيحن کي جاءِ ڏيارڻي پوندي، اسان کي پاڪستان جي عزت جو هر حال ۾ خيال رکڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان کي آمريڪا مان اسٽريٽجڪ ڊيٿ جو مطالبو به ڪرڻو پوندو، آمريڪا کي ٻڌائڻو پوندو ته افغانستان جو عسڪري حل ممڪن ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم وفاقي ڪابينا جو ٻيو خاص اجلاس ڇنڇر تي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا جو ٻيو خاص اجلاس ڇنڇر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے