15 ہفتہ , دسمبر 2018

سنڌ مان پ پ جو صفايو ڪري پنهنجي حڪومت ٺاهينداسين: جهانگير ترين

سيوهڻ (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين چيو آهي ته عوام سڀني سياسي پارٽين ۽ اڳواڻن کي آزمايو آهي، 70 ورهين کان وٺي هن ملڪ ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي، عمران خان اهي ڪم ڪري ڏيکاريندو، جيڪي 70 ورهين ۾ نه ٿيا. سيوهڻ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي جهانگير ترين چيو ته سنڌ جي اسڪولن ۾ 30 سال اڳ استاد نه هئا، جيڪي اڄ به ناهن، پوليس غريبن تي جيڪو ظلم 30 سال اڳ ڪندي هئي، اهو اڄ به ڪندي آهي، اڄ ڏينهن تائين عوام جي ڀلائي لاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو ويو، ٽٽل روڊ، گندگي، ڊرينيج نظام، ڪجهه به درست ناهي ٿيو، سياستدان عوام جي ووٽن سان اقتدار ۾ اچي ڦرلٽ ڪندا آهن. سندس چوڻ هو ته عوام ڪڏهن به اهڙي ليڊر کي ووٽ ناهي ڏنو، جيڪو اچي ڪرپشن جو انت آڻي، عمران خان توهان جي سڀني اميدن تي پورو لهندو، اسڪولن ۾ اسپتالن جون حالتون بهتر ٿينديون. هن چيو ته پ پ جو پنجاب مان صفايو ٿي ويو، سنڌ مان پ پ جو صفايو ڪري پنهنجي حڪومت ٺاهينداسين.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهرو وزارت زلفي بخاري جو نالو اي سي ايل مان ڪڍي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گهرو وزارت وزير اعظم جي سمنڊ پار پاڪستانين بابت خاص مددگار زلفي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے