20 منگل , نومبر 2018

هوشيار! وارَن کي رنگ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تمام گهٽ ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي پنهنجا وارَ  اَڇا ٿيڻ تي پريشان ناهن ٿيندا، جڏهن ائين ٿيندو آهي ته 75 کان 80 سيڪڙو ماڻهو پنهنجا  اَڇا وارَ لڪائڻ لاءِ ڪلر جو استعمال ڪندا آهن پر اڄڪلهه فيشن لاءِ به وارن کي رنگ ڪيو ويندو آهي، اهو رڳو هڪ يا ٻه نه پر گهڻا ڀيرا ڪيو ويندو آهي، ڇو ته وارن کي ڪلر ڪرائڻ هاڻ سولو ٿي ويو آهي پر اها ڳالهه پنهنجي ذهن ۾ رکي ڇڏيو ته اهو عمل سٺو ناهي. طبي ماهرن ان جا ڪجهه نقصان ٻڌايا آهن، جيڪي توهان هيٺ ڏسي سگهو ٿا.

1: وارن جي ڪِرڻ ۽ ٺوڙهي ٿيڻ جو خطرو

هڪ تحقيق موجب وارن کي رنگ ڪرڻ سان انهن جي ڪِرڻ جو امڪان وڌي ويندو آهي، ان جو سبب هيئر ڪلر ۾ ڪيميڪلز جي موجودگي آهي، جيڪي وارن جون پاڙون نازڪ ڪري ڇڏيندا آهن، مستقل طور رنگ ڪرڻ سان ٺوڙهي ٿيڻ جو خطرو پيدا ٿي ويندو آهي.

2: الرجي جو امڪان

گهڻا ماڻهو گهر ۾ وارن کي ڪلر ڪندا آهن يا وري ڪنهن سيلون ۾ ويندا آهن پر ماهرن موجب ڪجهه هيئر ڪلرز ۾ اهڙو ڪيميڪل هوندو آهي، جيڪو الرجيءَ جو سبب بڻجي ٿو.

3: وارن جو خشڪ ٿيڻ

گهڻو هيئر ڪلر ڪرڻ سان ڪيترين ئي عورتن جا وارَ خشڪ ٿي ويندا آهن، جنهن جو سبب رنگن ۾ شامل پري آڪسائيڊ ٿي سگهي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وارَن جا مسئلا ۽ انهن جو حل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏا ۽ مضبوط وارَ هر ڪنهن جي خواهش هوندي آهي ۽ نوجوان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے