22 پیر , اکتوبر 2018

عمران خان اليڪشن ڪميشن کان لکت ۾ معافي وٺي ڇڏي، توهين عدالت ڪيس ختم

اسلام اباد (بيورو رپورٽ ) اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي سربراهه کان معافي نامو لکرائي توهين عدالت جو نوٽس واپس وٺي ڇڏيو، چيف اليڪشن ڪمشنر رٽائرڊ سردار رضا خان جي /ڏسو صفحو 11 ڪالم 4۾ پنج رڪني بئنچ توهين عدالت جي ٻن معاملن جي ٻڌڻي ڪئي، انهي موقعي تي عمران خان پنهنجي وڪيل بابر اعواڻ سان گڏجي عدالت ۾ پيش ٿيو، بابر اعواڻ پنهنجي دليلن ۾ چيو ته عمران خان جي ميڊيا سان ڳالهه جو اهو مقصد نه هو جيڪو هتي بيان ڪيو ويو آهي، هائيڪورٽ اليڪشن ڪميشن جا جاري ڪيل گرفتاري وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا آهن پر ادارن جي احترام ۾ عمران خان پاڻ پيش ٿيو آهي، انهي جي ڪري عمران خان جي خلاف جاري ڪيل توهين عدالت نوٽس واپس ڪيو وڃي، انهي موقعي تي اليڪشن ڪميشن جي ميمبر ارشاد قيصر سوال ڪيو ته ڇا عمران خان اليڪشن ڪميشن کان غير مشروط بنياد تي معافي وٺڻ جي لاءِ تيار آهي؟ جنهن تي بابر اعواڻ چيو ته اسان اڳ ۾ ٻه ڀيرا معافي وٺي چڪا آهيون، هن کان اڳ جيڪي ٻه جواب داخل ڪرايا هئا اهي اسان واپس وٺي رهيا آهيون، انهي تي چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته انهي کي ڇڏيو جيڪو جواب موڪليو آهي اهو پنهنجي اصيل کي ڏيکاريو آهي؟ڇا جواب واپس وٺڻ سان توهين جوڳا لفظ به واپس ٿي وڃن ٿا؟بابر اعواڻ چيو ته ٻه ڀيرا معافي وٺي چڪا آهيون انهي کان پوءِ به توهين عدالت جي ڪارروائي جي گنجائش آهي؟ چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته  اوهان پهرين اهو بيان پڙهو جيڪو عمران خان ڏنو هو، جنهن تي بابر اعواڻ چيو هو ته اهو بيان پڙهڻ نه ٿو گهري، جنهن تي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته هو اهو بيان پڙهڻ جي لاءِ تيار آهي، بابر اعواڻ چيو ته انهي کي به بيان پڙهڻ جي اجازت نه ڏني وڃي، چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته  زباني ڪلامي معاملا نه هلندا لکت ۾ معافي نامو  ڏنو وڃي،اليڪشن ڪميشن جي ميمبر ارشاد قيصر چيو ته  پهرين جواب کان مطمئن ناهيون اوهان اسان کي معافي نامو وري لکي ڏيو،درخواستگذار جي وڪيل استدعا ڪئي ته وڪيل کي نه عمران خان کي روسٽرم تي گھرايو وڃي انهي کان معافي نامو ورتو وڃي،چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اوهان جي جواب ۾ هڪ لفظ به اهڙو ناهي جنهن ۾ ندامت جو اظهار ٿيل هجي هڪ طرف اوهان چئي رهيا آهيو ته اوهان توهين عدالت نه ڪئي آهي ٻي طرف وري انهي کي مڃي به رهيا آهيو، ڇا اوهان ڪارروائي کي منهن ڏيندا ۽ توهين عدالت ڪيس وڙهڻ چاهيو ٿا؟انهي کان پوءِ وڪيل بابر اعواڻ عمران خان ۽ ٻين سان مشورو ڪيو، عمران خان روسٽرم تي اچي چيو ته هن جو قطعي مقصد اليڪشن ڪميشن جي توهين ڪرڻ نه هو، اليڪشن ڪميشن منهنجي خلاف وارنٽ  جاري ڪيا ته انهي ۾ مون رد عمل ڏنو انهي جو مقصد ڪنهن اداري جي بي عزتي ڪرڻ نه هو.، هن چيو ته سمورو معاملو غلط فهمي تي ٻڌل آهي، آئون ادارن جي خلاف ڪجھ نه ٿو چوڻ چاهيان، انهي موقعي تي بابر اعواڻ اليڪشن ڪميشن جو معافي نامو عدالت ۾ جمع ڪرايو جنهن تي عدالت معافي نامي کي قبول ڪندي عمران خان جي خلاف توهين عدالت جو نوٽس واپس وٺي ڇڏيو.چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اوهان جي مافيا جو لفظ استعمال ڪيل ڪراچي واري بيان جي جواب تي مطمئن ناهيون پر اسان معاملي کي هتي ختم ڪري ٿا ڇڏيون. اهڙي ريت عمران خان جي خلاف توهين عدالت جو نوٽس واپس ورتو ويو.033041

هي به ڏسي سگهو ٿا

بحريا ٽائون لاهور 500 ايڪڙ زمين تي قابض، ڪارروائي جي اجازت

لاهور (م ڊ) اسلام آباد بحريا ٽائون جي 806 ايڪڙ زمين مان 500 ايڪڙ زمين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے