18 منگل , دسمبر 2018

زرداري ٽڪيٽون کپايون، بلاول ڪڏهن هڪ رپئي جو به ڪم نه ڪيو ته ملڪ ڪيئن هلائيندو: عمران خان

دير(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته ايدنڙ ڏينهن ۾ اسان ملڪ کي عظيم قوم بڻائينداسين، ايندڙ ڏينهن ۾ جيڪو نئون پاڪستان بڻجندو اهو توهان لاءِ هوندو،  پاڪستان هڪ عظيم خواب جو نالو هو، دور نبوت ۾ ڪمزور ۽ طاقتور لاءِ هڪ ئي قانون هو. دير ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته  ايندڙ ڏينهن ۾ نئون پاڪستان نوجوانن لاءِ بڻجندو، الله جي برڪت ڪڏهن به ان قوم تي ناهي ايندي جتي ظلم ۽ ناانصافي هجي، اسان جي نبي صه ٻڌايو ته هڪ نظام بڻايو، قانون سڀني لاءِ هڪ هجڻ گهرجي. هن چيو ته ان نظام ۾ جيڪڏهن طاقتور کي سزا ملي ته هو اِهو ناهي چوندو ته مون کي ڇو ڪڍيو ويو، اسان جي  تباهي جو سبب ڪمزور ۽ طاقتور لاءِ الڳ الڳ قانون آهي، هتي ننڍو چور جيل ويندو آهي، وڏي ڌاڙيل کي 40 گاڏين جو پروٽوڪول ملندو آهي، وزير اعظم ۽ صدر قوم جو پيسو ڦري ڪرپشن ڪندا آهن، زرداري ۽ نواز شريف ملڪ جا سڀ کان وڏا چور ۽ ڦورو آهن، 2008ع ۾ هر پاڪستاني 35 هزارن جو قرض هوپر آصف زرداري ۽ نواز شريف جي دورن ۾ هر پاڪستاني 1 لک 20 هزار رپين جو قرضي ٿيو، ڌاڙو هڻي پيسا ٻاهر موڪلڻ کي مني لانڊرنگ چئبو آهي، جڏهن ملڪ مان پيسو ٻاهر موڪليو ويندو آهي ان لاءِ ڊالر وٺڻا پوندا آهن، ڊالرن جي کوٽ ٿيندي آهي ته آءِ ايم ايف کان قرضو وٺڻو پوندو آهي، آءِ ايم ايف جو قرض توهان تي ٽيڪس لڳائي ادا ڪيو ويندو آهي، هر 100 رپين جي موبيل فون ريچارج تي 35 رپيا ٽيڪس ڪٽبو آهي، چوري ڪير به ڪري قيمت قوم کي ادا ڪرڻي پوندي آهي، قوم غريب ۽ امير امير پيا ٿيندا وڃن. هن چيو ته هي ملڪ اسلام جي نالي تي بڻيو هو، اسان کي هن ملڪ کي اهو ئي ملڪ بڻائڻو آهي، هڪ هزار ارب رپيا هر سال ملڪ کان ٻاهر ويندا آهن، اهو پيسو ملڪ تي لڳايو وڃي ته ملڪ خوشحالي ٿي وڃي. هن چيو ته ڪي پي ۾ ڏيڍ لک ٻار پرائيويٽ اسڪولن کان سرڪاري اسڪولن ۾ ويا، اسان جي ڪوشش آهي ته اها تعيلم ڏيون جو سرڪاري اسڪول جو ٻار سڀاڻي وزير اعظم بڻجي وڃي، ڦريل پيسو ٻاهران گهرائي قوم تي خرچ ڪيو وڃي. ماڻهو نوڪرين لاءِ ٻاهر ويندا آهن ڇو جو اتي انهن کي پنهنجي محنت جو ثمر ملندو آهي، برطانيا ۾ جيڪو محنت ڪندو آهي، اهو پنهنجي بلڊنگ ٺاهي ويندو آهي ۽ پاڪستان ۾ جيڪو محنت ڪندو آهي اهو ڏکيائين سان پنهنجا ٻار پاليندو آهي، هتي غريب پاڻ به مزدوري ڪري ۽ سندس ٻار به مزدوي ڪن. اهو نظام آڻڻ جو وقت اچي ويو آهي جنهن لاءِ پاڪستان بڻيو هو. هن وڌيڪ چيو ته بلاول ڪڏهن هڪ رپيو به ناهي ڪمايو، ڪڏهن ڪو ڪم ئي نه ڪيو، جنهن کي اردو به نٿي اچي اهو ملڪ کي ڪيئن سنڀاليندو، سيمينا جا ٽڪيٽ وڪرو ڪندڙ زرداري ملڪ کي ڪيئن هلائيندو، انهن ٻنهي پيءُ پٽ ۾ ڪهڙي قابليت آهي، هڪڙو ڏينهن ايندو جڏهن ٻاهريان ماڻهو هتي نوڪري لاءِ ايندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان هميشه جي لاءِ تبديل ٿيڻ وارو آهي: وزير اعظم عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته اسان جو مقصدپاڪستان کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے