23 منگل , اکتوبر 2018

ڀارت ڪشمير تي قبضو ڪري عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي: پرڏيهي وزير

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پرڏيهي وزير خواجا آصف چيو آهي ته ڀارت ڄمون و ڪشمير تي قبضو ڪري عالمي قانون جي سمورن معاهدن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. ڪشميرين جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي ٻڌي جو اظهار ڪندي پرڏيهي وزير خواجا آصف چيو ته ڀارت گذريل 70 سالن کان معصوم ڪشميرين جو رت وهائي رهيو آهي ۽ عوام جي بنيادي حقن جي مسلسل ڀڃڪڙي ڪري سلامتي ڪونسل جي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي رهيو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي واري ڪونسل جي ٺهرائن ۾ ڪشميرين جي حق خوداراديت کي تسليم ڪيو ويو هو پر ڀارت ڪشمير تي قبضو ڪري سمورن عالمي قانون جي معاهدن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو، عالمي برادري ۽ عالمي قوتن کي والاريل ڪشمير ۾ انساني  حقن جي ڀڃڪڙي جو نوٽس وٺڻ گهرجي. خواجا آصف وڌيڪ چيو ته آزادي حاصل ٿيڻ تائين ڪشميرين جي حق خوداراديت لاءِ ان جي منصفاڻي جدوجهد جي اڻ ٽٽندڙ اخلاقي ۽ سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Federal Government will not fulfill its term: Sharjeel

موجودا وفاقي حڪومت پنهنجو مدو پورو نه ڪري سگهندي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته لڳي رهيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے