13 منگل , نومبر 2018

عوامي آواز رپورٽ | ڪشش ثقل جي لهرن جي دريافت

ڪشش ثقل جي لهرن جي دريافت کي سائنس جي ميدان ۾ هڪ انقلابي قدم سڏيو وڃي ٿو.
آئنسٽائن جي ڏنل جڳ مشهور نظرئي نسبيت جي دريافت کان اڳ ۾ زمان ۽ مڪان کي هڪٻئي کان ڌار ڌار تصور ڪيو ويندو هو.جنهن ۾ مڪان کي هڪ اسٽيج سان بيٽيو ويندو هو.1905ع ۾ جڏهن آئنسٽائن جو لکيل مضمون هڪ عالمي رسالي ۾ ڇپيو،ان مضمون ۾ فزڪس جي جڳ مشهور فارمولي تحت آئنسٽائن چيو ته مادو ۽ توانائي ساڳي هڪ ئي شي جو نالو آهي.اهي ٻئي هڪٻئي ۾ تبديل ٿي سگهن ٿا.سائنس جي دنيا ۾ اهو نظريو خصوصي نسبيت جي نالي سان مشهور ٿيو.ان ئي سال 1905ع ۾ آئنسٽائن فوٽو اليڪٽرڪ افيڪٽ ڳولهي لڌا،جنهن دريافت ٽيڪنالوجي جي دنيا ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو.جنهن سان ڊيجيٽل،ڪيمرا،ٽيليويزن،موبائل فون ۽ ڪمپيوٽر جهڙيون شاهڪار ايجادون وجود ۾ آيون.جنهن کان پوءِ آئنسٽائن زمان ۽ مڪان جو نظريو ڏيندي چيو ته زمان ۽ مڪان هڪ ڪپڙي وانگر آهي.جنهن ۾ موجود مادي ۽ توانائي جي ڪري جهول پيدا ٿئي ٿو.ڪائنات ۾ ڪشش ثقل جو لهرون هڪ ارب نوري سال پري ٻن بليڪ هولز سيارن جي ٽڪرائڻ سسب پيدا ٿيون، 1917 ۾ ڪشش ثقل وارين لهرن جي اڳڪٿي ڪندي آئنسٽائن ليزر بابت نظريو ڏنو،انهي نظرئي جي روشني ۾ هن ئي سال آمريڪا جي ٻن يونيورسٽين جي پروفيسرن تجربو ڪري ڪشش ثقل جي لهرن کي ڳولي لڌو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪابل: افغانستان ۾ چڪرين دوران 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا

افغانستان جي تخت گاهه ڪابل ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۽ ٻن صوبن ۾ چڪرين سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے