11 منگل , دسمبر 2018

اليڪشن ڪميشن طرفان پي تي آءِ کي نشانو بڻايو پيو وڃي: نعيم الحق

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ نعيم الحق چيو آهي ته  مسلم ليگ ن جي اڪائونٽن تي سندس آڊيٽرن پاڻ اعتراض ڪيا آهن، اسان پارٽي اڪائونٽ جي 2013ع وارا سمورا تفصيل عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي نعيم الحق چيو ته هن شخص مون کي چيو ته آئون پارٽي کي تباهه ڪري ڇڏيندس، اليڪشن ڪميشن طرفان پي تي آءِ کي نشانو بڻايو پيو وڃي، سياسي پارٽي جي اڪائونٽن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي. وڏين سياسي پارٽين جا تفصيل اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايا آهن. هن چيو ته سمورين وڏين پارٽين جي اڪائونٽن جا تفصيل قوم جي سامهون رکيا وڃن. اليڪشن ڪميشن ٻين وڏين پارٽين جي اڪائونٽن جا تفصيل به ڏسي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پرڏيهي وزير جي فرانسيسي سيڙپڪارن کي پاڪستان اچڻ جي دعوت

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير  مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته فرانسيسي سيڙپڪار، پاڪستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے