18 اتوار , نومبر 2018

سمارٽ فونز ڪيمرائن جي صنعت کي تباهه ڪري ڇڏيو، نڪون جي فيڪٽري بند

ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ): سمارٽ فونز سان تصويرون ڪڍڻ تي تيزيءَ سان وڌندڙ رجحان ڪيمرائن جي صنعت تي ڌاڪو ڄمائي ويٺل ڪيترين جاپاني ڪمپنين کي سخت ڏکيائين ۾ وجهي ڇڏيو آهي، جن مان ڪينن، اولمپس ۽ سوني جهڙيون مشهور ڪمپنيون شامل آهن، هڪ مشورو ۽ پراڻي ڪيمرائون ٺاهيندڙ ڪمپني ”نڪون“ چين ۾ ڪيمرا بڻائڻ جي پنهنجي هڪ فيڪٽري بند ڪري ڇڏي آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سمارٽ فنز ۾ نصب ڊجيٽل ڪيمرائن ذريعي تصويرون ڪڍڻ جو وڌندڙ رجحان روايتي ڪيمرائن جي صنعت کي منفي طور تي متاثر ڪري رهيو آهي، جاپان جي مشهور ڪيمرائون ٺاهيندڙ ڪمپني نڪون، جنهن جي مک آفيس ٽوڪيو ۾ آهي، پنهنجي مالي نقصانن تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪمپني جي ڍانچي جي نئين سر تعمير ڪري رهي آهي، ڪمپني چيو آهي ته ان چين جي اوڀر صوبي جنانگ سو جي شهر ووزي ۾ پنهنجي فيڪٽري ”نڪون اميجنگ“ ۾ ڪم بند ڪري ڇڏيو آهي، ان فيڪٽري جي بند ٿيڻ سان لڳ ڀڳ 23 سئو ملازم پنهنجي روزگار کان محروم ٿي ويا آهن، ويجهر سالن ۾ سمارٽ فونز تيزيءَ سان ڪيترن ٻين اوزارن ۽ صنعتن جي جڳهه وٺي رهيون آهن، جن مان گهڙيون، ليپ ٽاپ ۽ اخبارون شامل آهن، پر جديد فون سڀ کان وڌيڪ نقصان ڪيمرائن جي صنعت کي پهچايو آهي، جاپان جي ڪيمرا انڊسٽري تازن سالن ۾ ڪرندڙ گهرج کي نظر ۾ رکندي روايتي ڪيمرائن جي پيداوار ۾ گهٽتائي ڪري چڪي آهي، ڪيترين ئي ڪيمرائون ٺاهيندڙ ڪمپنين پنهنجون ترجيحون تبديل ڪري ڇڏيون آهن ۽ اهي جديد طبي اوزارن جي مارڪيٽ ۾ هليا ويا آهن ۽ ڪجهه ڪمپنيون هاڻي رڳو قيمتي پروفيشنل ڪيمرا ٺاهي رهيون آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے