17 بدھ , اکتوبر 2018

آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ کي ساٿين جي گرفتاري سبب آيل وڏو سياسي جهٽڪو !:فريد ڀٽو لوئيوِل-  آمريڪا

سومر 30 آڪٽوبر تي ڊونالڊ ٽرمپ جي چونڊ مهم جو اڳوڻو چيئرمين پال مينافرٽ ۽ رچرڊ گيٽس ايف بي آءِ ( FBI) آفيس واشنگٽن ڊي سي ۾ پيش پيا. انصاف جي اداري پاران مقرر ڪيل اسپيشل ڪائونسل رابرٽ مُلر(Robert Mueller) هنن ٻنهي تي ملڪ خلاف سازش، غير قانوني پئسن جي هيرا ڦيري ۽ ڪجھ ٻين سنگين ڏوھن جو الزام مڙهيو. ياد ڪرائيندو هلان ته هن ئي سال 17 مئي تي انصاف واري اداري رابرٽ مُلر کي اسپيشل ڪائونسل مقرر ڪيو ته هو گذريل صدارتي چونڊن ۾ ”روسي مداخلت“ بابت جاچ ڪري. صدر ڊونالڊ ٽرمپ چونڊن ۾ روسي مداخلت کي بڪواس ۽ ان بابت جاچ کي ڏائڻ يا ڌوتي پڪڙڻ سان تشبيهه ڏيندي چوندو رهيو آهي ته هو يا هن جو ڪوبه ساٿي روسين سان ڪنهن به قسم جي ساز باز ۾ ملوث ناهي رهيو، پر ھاڻي آهستي آهستي سچاين جي ظاهر ٿيڻ سان گڏ ڪجھ ڌوتين ۽ ڏانئڻين جون شڪليون به چٽيون ٿي رهيون آهن.

28 مئي 2017 تي عوامي آواز جي سنڊي مئگزين ۾ ڇپيل مضمون ۾ مون لکيو هو ته؛

لڳي ائين ٿو، ڄڻ ته هڪ واپاري ملڪ جي صدارت ماڻڻ لاءِ روس سان ساز باز ڪئي. جي ڊونالڊ ٽرمپ پاڻ نه ته هن جا ڪجهه ويجها ساٿي يقينن روس سان لڳ لاڳاپن ۾ شريڪ رهيا. خاص طور تي رٽائرڊ جنرل مائيڪل فلن. جيڪڏهن روسين سان اھا ساز باز يا ڳجهو ٺاھ، حقيقت آهي، ته هتان جا ادارا ايترا مظبوط ضرور آهن جو هو جاچ ڪندي ڪنهن جو به لحاظ ڪونه ڪندا. پوءِ اهو ملڪ جو صدر ڇو نه هجي ۽ ڪنهن الزام، سازباز يا ڳجهي معاملي جو اڇو ڪارو ضرور پڌرو ڪندا.

معاملو رڳو ٽرمپ جي چونڊ مهم جي اڳوڻي چيئرمين پال مينافرٽ ۽ سندس ساٿي رچرڊ گيٽس جو ايف بي آءِ آڏو پيش پوڻ تائين ناهي بيٺو. ڳالھ ان کان اڳيان وڌي چڪي آهي. صدر ڊونالڊ ٽرمپ ۽ وائيٽ هائوس جي وزيرن ۽ وڪيلن جو وايون بتال تڏهن ٿيون جو ساڳئي ڏينهن تي اسپيشل ڪائونسل رابرٽ مُلر صدارتي چونڊ مهم ۾ پرڏيهي پاليسي جي رڪن جارج پاپاڊوپولس (George Papadopoulos) تي الزامن جي فهرست پيش ڪئي جنهن الزامن کي قبول ڪندي پاڻ کي ڏوهي مڃيو ۽ اهو به اقرار ڪيو ته هن کي جڏهن پهريون ڀيرو گرفتار ڪيو ويو هو ته هن سرڪار سان ڪوڙ ڳالهايو هو، جيڪا سندس غلطي هئي.

عدالت ۾ پيش ڪيل ڪاغذن موجب شڪاگو جي رهاڪو 30 ورهين جي جارج ٻڌايو آهي ته لنڊن ۾ رهندڙ هڪ روسي پروفيسر ساڻس ملڻ لاءِ رابطو ڪيو، جنهن جو اطلاع هن چونڊ مهم جي اڳوڻي چيئرمين پال مينافرٽ کي برقي ٽپال ذريعي ڏنو. چونڊ مهم جي اعلى قيادت جي منظوري بعد هو اپريل 2016ع ۾ لنڊن ويو ۽ روسي پروفيسر سان هڪ هوٽل ۾ ملاقات ڪئي. جنهن هن کي ٻڌايو ۽ يقين ڏياريو ته روسي سرڪار وٽ صدارتي اميدوار هيلري ڪلنٽن خلاف هزارين برقي ٽپالون موجود آهن، جيڪي هن جي صدارتي اميدوار ڊونالڊ ٽرمپ کي وڏو فائدو پهچائي سگھن ٿيون. چونڊ مهم دوران اسان ڏٺو ته ڊونالڊ ٽرمپ روسي سرڪار کي وڏي واڪي گذارش ڪئي ته هو هيلري ڪلنٽن جون برقي ٽپالون ظاهر ڪرڻ ۾ مدد ڪن…! ۽ پوءِ اسان ڏٺو ته جولاءِ 2016ع کانپوءِ هر مهيني وڪي ليڪس ذريعي هزارن جي انگ ۾ برقي ٽپالون ظاهر ڪيون ويون. ڪڙي ڪڙي سان ملائجي ته ڳالھ سمجھ ۾ اچي ٿي….!!

جارج پاپاڊوپولس جو معاملو سامهون اچڻ کانپوءِ، صدر ڊونالڊ ٽرمپ ۽ سندس ساٿي سمورو ڏينهن پنهنجن سرڪاري ۽  خانگي وڪيلن سان مشورا ڪندا رهيا. هنن جي وهم گمان ۾ به نه هو ته ڪو ٽيون ماڻهو به سامهون ايندو، ڇاڪاڻ ته ڇاپي ۽  برقي رابطن جي ادارن ذريعي ايترو ته معلوم ٿي چڪو هو ته هڪ يا ٻن ماڻهن کي سومر ڏهاڙي گرفتار ڪيو ويندو، جنهن لاءِ اندازا لڳايا پئي ويا ته اُهي ڪير ٿي سگھن ٿا!؟ ٻه نالا سامهون آيا، هڪ اڳوڻو جنرل مائيڪل فلن ۽ ٻيو پال مينافرٽ. پاڙي ۾ ننڍي هوندي هڪ پهاڪو ٻڌندا هياسون ته، ”سڏ ڪيم صدوري کي، نڪري آئي باليءَ ماءُ“ سو نه فلن، نه مينافرٽ، پر نڪري آيو جارج.

اها ٻي ڳالھ آهي ته مينافرٽ پيش ضرور پيو آهي، پر هن ڪنهن به الزام مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي. صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي وائيٽ هائوس ترجمان بيان جاري ڪيو ته جارج پاپاڊوپولس ڪوڙو آهي، چونڊ مهم ۾ هو رضاڪاراڻي نموني شريڪ ٿيو هو..!! هي هڪ سفيد پوش ڏوھ (White Collar Crime) آهي ۽ اڄ جي جديد دور ۾ ڪڙيون ڪڙيءَ سان ملائي اصل سچائيءَ تائين پهچڻ يا ڏوهه ثابت ڪرڻ ڪو ڏکيو ڪم ڪونهي، جيئن هيٺ  ڏنل ڪجھ اهم ڪڙيون ثبوتن سان موجود آهن:

  1. جارج جو ڊونالڊ ٽرمپ سان اهم گڏجاڻي ۾ فوٽو.
  2. ڊونالڊ ٽرمپ جو اهو بيان ته پرڏيهي ڪميٽيءَ ۾ جارج تمام هوشيار ۽ سٺو ماڻهو آهي.
  3. جارج جون مينافرٽ کي موڪليل برقي ٽپالون (emails)
  4. جارج جون روسي پروفيسر ڏانهن موڪليل برقي ٽپالون.
  5. جارج جو لنڊن ۾ روسي پروفيسر سان ملڻ.
  6. ۽ سڀ کان وڏي ڳالھ ته جارج جو پاڻ مڃڻ ته هن روسين سان ساز باز ڪئي آهي.

صدر ڊونالڊ ٽرمپ ڪيئي ڀيرا اهو بيان ڏئي چڪو آهي ۽ وري اڄ ٽوئٽر ذريعي دُھرايائين ته چونڊ مهم دوران روسين سان ڪابه سازباز (Collusion) ناهي ڪئي. خبر ناهي صدر ٽرمپ سازباز ( Collusion) ڇا کي ٿو سمجھي..!؟

هينئر ڪجھ ذڪر ڪريون ٿا چونڊ مهم جي اڳوڻي چيئرمين پال مينافرٽ پاران پيش پوڻ جو ۽ سندس مٿان لڳايل الزامن جو. جيئن مٿي ڄاڻايو اٿم ته هن تي تمام سخت ۽ سنجيده الزام آهن، جيڪي واشنگٽن ڊي سي جي ڪورٽ ۾ هن کي پيش ڪري ٻڌايا ويا. ڪورٽ سڳوري پال مينافرٽ جو 10 ملين ڊالر جو، ۽ سندس ساٿي رچرڊ گيٽس جو 5 ملين ڊالر جو ضامن منظور ڪري ٻنهي کي گھر اندر گرفتار رهڻ جو حڪم ڏيندي سندن پاسپورٽ پڻ ضبط رکڻ جو حڪم جاري ڪيو. (معنا ٻيئي پاڪستاني ECLتي رکيا ويا)  عام طور تي سفيد پوش ڏوھ (White Collar Crime) ۾ ايڏي ڳري ضمانت، گھر ۾ نظربندي ۽ پاسپورٽ قابو ناهن ڪيا ويندا، تنهنڪري هنن جي ملوث هئڻ ۽ مامري جي سخت ۽ سنجيده نوعيت جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو. اسپيشل ڪائونسل رابرٽ مُلر(Robert Mueller)، پال مينافرٽ ۽  رچرڊ گيٽس تي 12 الزام هنيا آهن، جن مان ڪجھ اهم ۽ خطرناڪ الزام هيٺ ڏجن ٿا:

  1. آمريڪا خلاف سازش
  2. پئسن جي غير قانوني منتقلي
  3. غير قانوني نموني ڌارين ملڪن لاءِ اثر انداز (Lobbying) ٿيڻ
  4. ست ڀيرا ٻين ملڪن جي بئنڪن جا کاتا ظاهر نه ڪرڻ (ست الزام)
  5. ٻين ملڪن جي نمائندي طور ڪوڙا ۽ گمهراهه ڪندڙ بيان ڏيڻ
  6. وفاقي جاچ ڪندڙن آڏو ڪوڙا بيان ڏيڻ

پال مينافرٽ ۽ سندس ساٿي  تي الزام آهي ته هنن ڳجھي نموني يوڪرين ۾ روس ڏانهن مائل ڌرين لاءِ ڪم ڪندي 75 ملين ڊالرن جي غير قانوني رقم وصول ڪئي. توڙي جو هنن ٻنهي تي ڊونالڊ ٽرمپ جي چونڊ مهم ۽ روسين جي وچ ۾ ڪو سازباز جو الزام ناهي لڳايو ويو، پر هنن مٿان اهي الزام ثبوتن سان پيش ڪيا ويا آهن ته هنن گھڻي وقت کان روسي مفادن لاءِ ڪم پئي ڪيو ۽ جنهن جي عيوض هنن ٻنهي تمام گھڻي رقم به وصول ڪئي. تنهنڪري اهو اڻ سڌيءَ طرح ڊونالڊ ٽرمپ جي چونڊ مهم جو روس سان سازباز ڏانهن اشارو آهي.

جڏهن به هتان جي اخبارن ۽ برقي رابطن جي ادارن 2016ع واري چونڊن ۾ روسي مداخلت جي ڳالھ ڪئي آهي ته صدر ڊونالڊ ٽرمپ ان کي ڪوڙو، بيڪار ۽ بي معنى بحث ۽ الزام قرار ڏنو آهي. نه رڳو ايترو پر پنهنجي ۽ پنهنجن ساٿين جي جان بچائڻ لاءِ هيلري ڪلنٽن تي ابتا سبتا الزام هڻندو رهيو آهي. اهڙين ڳالهين سان ٿي سگھي ٿو ته هو بنياد پرست گورن آمريڪين ۽ پنهنجن حامين کي پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائيندي پاڻ کي بي ڏوهي ثابت ڪرڻ ۾ ڪنهن حد تائين ڪامياب ٿي وڃي، پر هن جي ڳالهين جو صدارتي چونڊ متعلق هلندڙ جاچ تي ڪو اثر ڪونه ٿيندو. صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي ويجھن ٽن ساٿين خلاف تازي ظاهر ڪيل الزامن واري رپورٽ، ڪورٽ ۾ پيشي ۽ هڪ ڄڻي جو اعترافي بيان، وائيٽ هائوس ۽ ريپبلڪن پارٽي لاءِ تمام وڏو جھٽڪو آهي.

ٻيو ڪير؟

الزامن جي فهرست ۽ ڏنل مواد ظاهر ڪري ٿو ته جاچ آفيسر، رابرٽ مُلر کي تمام وڏا اختيار ۽ ذريعا مهيا ٿيل آهن. لڳي ايئن ٿو ته اهي گرفتاريون رڳو ڏيکاءُ آهن. آزمائش لاءِ ڪجھ ماڻهن کي وائکو ڪيو ويو آهي. ايندڙ وقت ۾ تمام وڏا نالا ۽ صدر جي ويجھن ساٿين ۽ عزيزن کان ويندي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي پاڻ به اهڙن الزامن کي سرڪاري طور منهن ڏيڻو پوندو. ڪجھ اهم ماڻهن جو ذڪر هيٺ ڪجي ٿو:

  1. اڳوڻو جنرل مائيڪل فلن: جيڪو وائيٽ هائوس ۾ صرف 24 ڏينهن چيف سِڪيورٽي جي عهدي تي رهيو، تنهن کي صدر ڊونالڊ ٽرمپ بنا دير هٽائڻو پيو ڇوته سندس ڪڌن ڪمن جا ڪيئي ثبوت سامهون اچي ويا.
  2. ڊونالڊ جان ٽرمپ جونيئر: صدر ٽرمپ جو پڳدار پٽ آهي. هن خلاف ڪيترا ئي ثبوت مليا آهن ته هُو روسي سفير ۽ ٻين سان ملاقاتون ڪري هيلري ڪلنٽن جي چونڊ مهم ۽ سندس ڪردار کي نقصان پُڄائڻ لاءِ اڳيان اڳيان هو.
  3. جيرالڊ ڪوشنر: صدر ٽرمپ جو ناٺي آهي. هو اقرار ڪري چڪو آهي ته گھٽ ۾ گھٽ چار ڀيرا 2016ع ۾ روسين سان مليو. رابرٽ مُلر کي اهي ثبوت آڻڻا پوندا ته هو روسين سان ڪنهن ساز باز ۾ شريڪ هو يا نه؟
  4. ڪارٽر پيج: چونڊ مهم ۾ صدر ٽرمپ جو پرڏيهي پاليسي جو صلاحڪار هو. هي همراه 2016ع ۾ ايف بي آءِ جي واچ لسٽ تي هيو، ڪيئي ڀيرا روس وڃي چڪو آهي ۽ هن جو جھڪاءُ ماسڪو پاسي رهيو آهي.
  5. سينيٽرجيف سيشن: آمريڪا جو اٽارني جنرل آهي. هن تي به روسي سفير سان ملڻ ۽ چونڊن ۾ سازباز جا الزام آهن، جن کي هو وڏي زور شور سان رد ڪندو رهيو آهي.
  6. ڊونالڊ ٽرمپ: آمريڪا جو صدر به اسپيشل ڪائونسل رابرٽ مُلر(Robert Mueller) طرفان هلندڙ جاچ جو حصو آهي. صدر ڊونالڊ ٽرمپ تي اهو به الزام آهي ته هُن هڪ سازش تحت ايف بي آءِ جي ڊائريڪٽر جيمس ڪوميءَ کي هٽايو، جو ڪيس خطرو هو ته جيمس ڪومي صدارتي چونڊن ۾ روسي ساز باز جي جاچ ڪندي کين ڪابه رعايت نه ڏيندو.

جيڪڏهن مٿي نشاندهي ڪيل ڪنهن هڪ اڌ ماڻهو تي الزام مڙهي گرفتار ڪيو ٿو وڃي ته اهو صدر ڊونالڊ ٽرمپ لاءِ تمام وڏو سياسي جھٽڪو هوندو. هوڏانهن اهو به محسوس ٿئي ٿو ته الزام هيٺ آيل صدر ٽرمپ جي ٽن ساٿين کي تمام جلد ڪورٽ ذريعي سزا ايندي، ڇاڪاڻ ته ايف بي آءِ ايترا ته ثبوت گڏ ڪري هنن ۾ هٿ وڌو آهي، جو هنن همراهن جي سزا کان بچڻ لاءِ ڪا  گنجائش باقي نه ٿي رهي.

هاڻي ان ڳالھ ۾ ڪو به شڪ ناهي رهيو ته روس هڪ سازش تحت آمريڪا جي صدارتي چونڊن کي تڪراري بڻائي پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ڪابه ڪثر ناهي ڇڏي. روس پنهنجا مقصد ماڻڻ لاءِ واپارين، سياستدانن، سفارتڪارن ويندي سوشل ميڊيا جو استعمال ڪندي بي پناهه پئسو خرچ ڪيو آهي. صرف فيس بوڪ ذريعي 126 ملين آمريڪين کي ڪجھ خاص رياستن ۾ رابطو ڪيو ويو، جنهن جو سمورو خرچ روسي ڪمپنين برداشت ڪيو.

سوال اهو آهي ته ڇا آمريڪي سرڪار اهڙا قدم کڻندي ۽ هنن وٽ اهڙا ذريعا موجود آهن، جن سان ايندڙ چونڊن ۾ ڪنهن ڌارئي ملڪ جي مداخلت کي روڪي صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائي سگھجن..؟

fareedbhutto@yahoo.com

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي آف لاجي بانيڪار وائيس چانسلر قاضي خالد علي چئي ٿو ته …. سنڌ جي غريب شاگردن لاءِ قانون جي اعليٰ ڊگرين لاءِ برطانوي يونيورسٽين سان معاهدا ڪيا آهن :انٽرويو :رزاق عاصي

مان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي آف لا جو وائيس چانسلر ٿيڻ کانپوءِ لنڊن اسڪول  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے