19 بدھ , دسمبر 2018

سڪندر ملاح جو ترتيب ڏنل ڪتاب ڀٽائيءَ جا چونڊ تشريحي بيت :ادل سولنگي

* ڪتاب ڀٽائي جا چونڊ تشريحي بيت، شارح  ڪلياڻ آڏواڻي جنهن جي ، چونڊ ۽ ترتيب سڪندر ملاح ڪئي آهي هن ڪتاب ۾ شاهه سائين جي رسالي ۾ شامل 30 سرن مان بيتن جي چونڊ ڪئي وئي آهي، جن جي وقت  گذرڻ  سان گڏاهميت وڌندي رهي ٿي، عام طور تي شاهه سائين جي رسالن ۾ سندن سموري شاعري موجود آهي، پر ڪنهن به  موضوع  سان لاڳاپيل شاعريءَ جي ڳولڻ / پڙهڻ ۾ گهڻو وقت درڪار  هوندو آهي.

شاهه  سائين جي شاعريءَ کي  مختصر نموني ڪنهن هڪ جاءِ  تي گڏي ۽ سولائي سان پڙهڻ / پرکڻ جو بندوبست ڪندي هي چونڊ شاعري جو ڪتاب ترتيب ڏنو ويو آهي.  جيڪو انتهائي اهم ۽ ڪارائتو علمي ڪم آهي. ڪتاب ۾ شاهه لطيف  جي زندگي بابت احوال ۽ شاهه سائين جو خانداني شجرو به شامل  ڪيو ويو آهي. جيڪو مرزا قليچ بيگ جي ڪتاب ”  قديم سنڌ“  تان ورتو ويو آهي، جنهن جي  تصديق ڀٽ شاهه جي 12 هين گادي نشين سيد وقار حسين شاهه صاحب کان ڪرائي وئي آهي. شاهه سائين جي شاعريءَ بابت ڪلياڻ آڏواڻي صاحب جي تشريح مڃيل ۽ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. جنهن جي آڌار تي شاهه سائين جي شاعريءَ جو منظر ۽ پس منظر چڱي ريت، پرکي ۽ پروڙي سگهجي ٿو. هي ڪتاب شاگردن جي علمي ضرورتن جو پورائو ڪرڻ لاءِ ڪيل هڪ ڪو شش آهيهن ڪوشش کي انتهائي دل جي گهرائين سان قبوليو ۽ محسوس ڪيو پيو وڃي. مارئي اڪيڊمي پنهنجي علمي ادبي سرگرمين جي حوالي سان ساکائتو ادارو آهي. جنهن انتهائي ڪارائتا ڪتاب سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ  کي ڏنا آهن. اهڙي طرح سڪندر ملاح جو سهيڙيل / چونڊ ڪيل شاهه  سائين جو ڪلام مختصر پر جامع انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ شاگردن جي علمي ضرورتن کي سامهون رکيو ويو آهي.  شاهه سائين جي ڏات، ڏانءُ – فڪر، فلسفي تَخَيُل، شعور، ڪائنات جي ذري پرزي جي مشاهدي ۽ زندگي سان لاڳاپيل مسئلن / مامرن جي نبيري لاءِ شاهه سائين جي شاعراڻي ڏات جا  ڏيئا روشني ڦهلائي رهيا آهن. شاهه  سائين جي شاعراڻي فڪري مٿڀرائپ ۽ ٻوليءَ جي جمالياتي حسناڪي، صبح جي سوجهرن  جيان روزانو اونداهين جو انت آڻي. ڪائنات جي ڪوڙين ڳوڙهن مامرن ۽ مونجهارن تي ويچارڻ لاءِ علم ۽ ادراڪ جي آگاهي ڏئي رهي آهي. جنهن جي آڌار تي شاعريءَ  جي فني بيهڪ ۽ فڪري اڏام جو ڪاٿو ڪرڻ لاءِ اهڙو  ماحول مهيا ڪيو ويو آهي. جنهن جي ذريعي علم ۽ عقل جو دڳ وٺي انسان پنهنجي منزل ڏانهن وکون کڻي پنهنجو سفر جاري رکي سگهي ٿو.

* ايڪ قصردرلک، ڪوڙين ڪڻس ڳڙکيون

جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهون

* ڪوڙين ڪايائون تنهنجيون، لکن لک هزار،

جيءُ سڀ ڪنهن  جيءَ سين  درسن ڌارون ڌار

پريم ! تنهنجا پار  ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان

هن ڪتاب ۾ ڄاڻايل شاهه سائين جي 30 سرن جو مختصر تعارف، شاعريءَ جي تشريح،معنيٰ ۽  مفهوم ڏنو ويو آهي، جنهن جي آڌار تي شاهه سائين جي شاعري کي محسوس ڪرڻ سمجهڻ ۽ سمجهائڻ ۾ مدد ملي ٿي.

* شاهه سائين جي شاعراڻي اڏار ۽  سندس زندگيءَ  بابت شاهه سائين جي سمورن شارحن جو بيان آهي ته قرآن  شريف روميءَ  جي مثنوي ۽ شاهه ڪريم بلڙيءَ  واري جو رسالو  شاهه سائين سان سڌائين گڏ هوندا هئا. جنهن جو مطالعو  سندس شاعريءَ مان پرکي پروڙي ۽ محسوس ڪري سگهجي ٿو.

* شاهه سائين جي شاعري- تاريخ، ٻولي ۽ ادب جو هڪ اعليٰ ڪرشمو آهي. جنهن ۾ سنڌ جي صدين جو شعور ۽ علمي روايتون موجود آهن،  جيڪا سندس شاعراڻي عظمت آهي. شاهه سائين جي شاعري ڪائنات جيڏي وسيع / ويڪري ۽ سمنڊ جيڏي وشال ۽ گهري آهي. جنهن لاءِ شاهه  سائين جو هڪ هڪ بيت اعليٰ مثال آهي.

*شاهه سائين جي شاعريءَ ۾  نه رڳو  مٿي ڄاڻايل مقدس ڪتابن  جو عمل دخل آهي پر، شاهه سائين جي شاعري جي پُٺ ۾ سنڌ جي وڏي شاعر قاضي قاضن جو ڪلام به چٽو پٽو نظر اچي ٿو. سنڌي شاعريءَ  جا پڙهندڙ ۽  شاهه سائين جا شارح  ۽ پارکو ان ڳالهه کان انڪار نٿا ڪري سگهن ته شاهه سائين جي شاعريءَ جو اهم ماخذ قاضي قاضن جي شاعري آهي. ان کان پوءِ ڀڳت ڪبير جي شاعريءَ جا اولڙا ۽ عڪس به شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ پسي سگهجن ٿا.

* شاهه عبداللطيف ڀٽائي جنهن جو جنم 1689ع ڄاڻايو ويو آهي.  جڏهن ته شاهه سائين سنڌ واسين کان 1752ع ۾ وڇوڙو ڪري ويو. سنڌي ادب ۾ شاهه سائين جي حوالي سان اڻ ڳڻيا شارح   / پارکو موجود آهن.

* هند توڙي سنڌ ۾ لطيف سائين جي شاعري تي مختلف رخن کان تحقيق جو سلسلو جاري آهي.

* هي ڪتاب ڪليان آڏواڻي  صاحب جي ترتيب ڏنل رسالي مان چونڊ بيت ۽ انهن بيتن بابت ڪلياڻ آڏاڻي صاحب  جي شرح  کڻي نئين  سري سان ترتيب ڏنو ويو آهي ته جيئن ڪتابي صورت ۾ ۽ مختصر هجڻ سبب پڙهندڙن کي ڪتاب کڻي هلڻ ۾ سولائي ٿئي ۽ شاگردن کي هڪ جاءِ تي شاهه سائين جي چونڊ شاعري مهيا ٿي سگهي. شاهه سائين جي مڙني سُرن بابت تعارف / تشريح  پڻ ڏنل آهي. جيڪا پڻ اهيمت واري ڳالهه آهي جو سُرن جي بيهڪ ۽ ان جي بنياد جي ڄاڻ جي حاصلات به ٿئي ٿي، جنهن سان ٿوري وقت جي سيڙپ ڪرڻ سان گهڻي علمي ڄاڻ  پلئه پوي ٿي، شاهه سائين جي شاعراڻي عظمت عالم آ شڪار آهي، شاهه سائين  جي شاعري بابت جيڪا اڄ تائين تحقيق سامهون آئي آهي، ان ۾ ڪلياڻ آڏاڻي صاحب جو به اهم ڪردار ۽ اهم حصو رهيو آهي. ٿلهي ليکي ڳالهه ڪجي ته هي ڪتاب ” ڀٽائيءَ  جا چونڊ تشريحي بيت“  ڪلياڻ آڏواڻي صاحب  جي تحقيق جي مڃتا ۽ قبوليت آهن، جنهن  کي مختصر ڪري پيش ڪيو ويو آهي، ” جيئن شاهه سائين جا عاشق / پارکو،علم ادب جا شاگرد پنهنجي علمي اڃ اجهائي سگهن ۽ شاهه سائين  جي فڪر جي روشنيءَ  ۾ زندگي جي مختلف مامرن ۽ مونجهارن کي سمجهڻ جي ڏس ۾ ڀرپور رهنمائي حاصل ڪري سگهن.

* شاهه سائين جي شاعري ، انوکي ڏات جا جلوا پسائي ٿي. جنهن ۾ فڪر جو  سمونڊ، فن جون اڏارون ٻوليءَ جماليت، تمثيلن جي حسناڪي ، تاريخ جا پيرا کڻي، علامتن ، اشارن، اصطلاحن ۽ تشبيهن  جي آڌار تي تخليق ڪيل شاعري شاهه سائين جي اعليٰ تَخَيُل  جو فڪري ۽ احساساتي اظهار آهي. جيڪو انتهائي وشال آهي.

هي ڪتاب 278 صفحن تي ڦهليل آهي، جنهن جو ملهه رکيو ويو آهي،300 رپيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

باگڙي برادريءَ جي ٻارن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ سرگرم ”بَيبِي باگڙي“:خادم رند

باگڙي قبيلي جو ڳاڻيٽو سنڌ جي قديم ۽ اوائلي ماڻهن ۾ ٿئي ٿو،  ان ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے