16 جمعہ , نومبر 2018

نيوزيلينڊ پاڪستان ويمنز کي ٻي ون ڊي ۾ 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

شارجا(اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ پاڪستان ويمنز کي ٻي ون ڊي ميچ ۾ 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن تي ٻڌل سيريز 2-0 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي. پاڪستان جي پوري ٽيم پهريان کيڏندي 147 رنسون ٺاهي سگهي، مخالف ٽيم ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 24 اوورن ۾ هدف پورو ڪري ورتو. شارجا جي تاريخي ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ پاڪستان نيوزيلينڊ خلاف ٻي ون ڊي ميچ ۾ ٽاس کٽي پهريان کيڏڻ جو فيصلو ڪيو جيڪو سندن ڳچيءَ ۾ پئجي ويو. پوري ٽيم 49.1 اوورن ۾ 147 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. پاڪستان طرفان ناهيد خان 39، بسمه معروف 36 ۽ ضامير 31 رنسون ٺاهيون. نيوزيلينڊ جي اي سي ڪير 3، ايل ايم ڪيسپريڪ ۽ ايڇ ايم روءِ 2،2 وڪيٽون جڏهن ته بيٽس ۽ تهو هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. نيوزيلينڊ طرفان اننگز جي شروعات بيٽس ۽ ڊيوائينن ڪئي جن اوپننگ ڀائيواري ۾ 80 رنسون ٺاهيندي پنهنجي ٽيم جي پوزيشن کي مضبوط ڪيو، نيوزيلينڊ مليل هدف آسانيءَ سان 24 اوورن ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو، ان اننگ ۾ ڊيوائينن 62 ۽ بيٽس 33 رنسون ٺاهي اڳڀريون آهن. پاڪستان طرفان جويريه خان 2 وڪيٽون هاصل ڪيون، جڏهن ته سعديه يوسف هڪ وڪيٽ ورتي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

New Zealand opt to bat against Pakistan in Abu Dhabi Test

ابوظهبي ٽيسٽ : نيوزيلينڊ جو پاڪستان خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو

ابو ظهبي (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ پاڪستان خلاف ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سريز جي پهرين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے