15 جمعرات , نومبر 2018

لاهور هاءِ ڪورٽ محمد عرفان کي عمري جي اجازت ڏئي ڇڏي

لاهور(اسپورٽس نيوز) لاهور هاءِ ڪورٽ ڪرڪيٽر محمد عرفان کي شرط طور عمري جي ادائگي جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. تفصيل مطابق لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ڪرڪيٽر محمد عرفان جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ لاءِ درخواست جي ٻڌڻي ٿي، جسٽس شمس محمود مرزا درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. درخواست گذار عدالت جي روبرو موقف اختيار ڪيو ته عمري ادائگي لاءِ سعودي عرب وڃڻ چاهيان ٿو پر اي سي ايل ۾ نالو شامل هئڻ سبب ٻاهر نٿو وڃي سگهان، ان جو چوڻ آهي ته پي سي بي تمام الزامن کان بري ڪري چڪو آهي، عدالت کان استدعا آهي ته حڪومت کي ايڪزٽ ڪنٽرول لسٽ مان نالو ڪڍڻ جو حڪم ڏنو وڃي. ان تي گهرو سيڪريٽري عدالت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس شمس محمود مرزا ڪرڪيٽر محمد عرفان کي شرط طور عمري جي ادائگي جي اجازت ڏئي ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وسيم اڪرم ڪراچي ڪنگ جو صدر بڻجي ويو

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر وسيم اڪرم پي ايس ايل فرنچائز ملتان سلطان کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے