13 منگل , نومبر 2018

ڇا اوهان وارن ڇڻڻ مان پريشان آهيو، جي ها ته پوءِ….

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): انساني زندگيءَ ۾ ڪجهه اهڙا مسئلا به هوندا آهن، جن سبب انسان جي خوبصورتي هلي ويندي آهي، جن مان هڪ وارن جو ڪرڻ به آهي، وارن جو ڪرڻ انسان جي خوبصورتي سان گڏ ان جي اعتماد تي به اثرانداز ٿيندو آهي، ماهرن موجب وارن جي ڪرڻ جو سبب پاڻي جي گھٽتائي، وهنجڻ وقت شيمپو جو نه نڪرڻ، خراب پاڻي جو استعمال، گھري سوچ، پريشاني ڊپريشن، ڪمزوري ۽ رات جو جاڳڻ به آهي. آخر ان جو علاج ڇا آهي؟؟ پريشان ڇو ٿيا آهيو حاضر آهي اوهان جي مسئلي جو حل:

ناريل جو تيل، چنبيلي جو تيل، سرنهن جو تيل، ترن جو تيل، تارا مارا جو تيل، آملا جو تيل هڪ جيتري وزن ۾ وٺي سڀني تيلن کي مڪس ڪيو ۽ ان جو استعمال ڏينهن ۾ ٻه دفعا ڪيو.

فائدا: ڪرندڙ وارن لاءِ تمام گھڻو فائدي مند آهي، جن ماڻهن جا وار ڪرندي ڪرندي ٺوڙهه ٿي وئي آهي انهن لاءِ به تمام گھڻو فائدي مند آهي، مسلسل 3 مهينن تائين ان جو استعمال ڪيو ۽ ان جا فائدا پاڻ به ڏسو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

4 سالن ۾ 51 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڊينگي جو شڪار ٿيا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل رپورٽ موجب 4 سالن دروان پوري ملڪ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے