18 اتوار , نومبر 2018

جرمني ۾ دنيا جي سڀ کان اوچي ونڊ ٽربائن جي تياري

برلن (ويب ڊيسڪ) جرمني ۾ دنيا جي سڀ کان واچي هوائي ٽربائن (ونڊ) جو افتتاح ڪيو ويو، جنهن کي جرمني جي ڪمپني ميڪس بويگل تيار ڪيو آهي. ٽن بليڊن واري ان ٽربائن جي اوچائي زمين کان 178 ميٽر يعني 584 فوٽ آهي پر جيڪڏهن فرش کان پنکڙي جي ڪناري تائين ماپيو وڃي ته اها اوچائي 264 ميٽرن تائين آهي، جيڪا 866 فوٽن جي لڳ ڀڳ آهي. اها ٽربائن گيلڊروف جي علائقي ۾ لڳائي وئي آهي. شروعاتي رٿابندي تحت اهڙين چئن ونڊ ٽربائن جو هڪ فارم قائم ڪيو پيو وڃي، سڀني ٽربائن ۾ 3.4 ميگا واٽ جي اي جنريٽر لڳايا ويا آهن. ان ٽربائن جي خاص ڳالهه واٽر بيٽري آهي، جيڪا پنکڙي کي ان وقت تائين گردش هيٺ رکي ٿي، جڏهن پنکڙين جو گهمڻ سست ٿي ويندو آهي يا اهي مڪمل طور بيهي ويندي آهي. تيز هوائن جي ڪري ٽربائن کي روڪڻو به پئجي ويندو آهي. انهن ٽربائن جون بنياد ڪجهه اهڙي طريقي سان ٺاهيو ويو آهي، جو اهي گڏ ٿيل پاڻي کي اڳتي پمپ ڪنديون آهن، جنهن ذريعي آبي توانائي (هائيڊرو پاور) به پيدا ٿيندي آهي ۽ اهو پاڻي هيٺان کان ايستائين پهچايو ويندو آهي. اهڙي ريت روايتي ٽربائن جي ڀيٽ ۾ ساليانو هڪ سيڪڙو وڌيڪ توانائي پيدا ٿيندي آهي، جڏهن ته ونڊ ٽربائن اهڙين جاين تي پڻ بهتر ڪم ڪندي آهي، جتي هوا جي رفتار تمام سست هجي. واٽر بيٽريون ٽربائن جي تَري ۾ موجود هونديون آهن، جيڪي هائيڊرو پاور اسٽيشن سان لاڳاپيل هونديون آهن، اهي بيٽريون پنهنجي اندر اضافي توانائي به جمع رکنديون آهن، اهڙي ريت رڳو 30 سيڪنڊن ۾ اهو نظام اسٽوريج کان پروڊڪشن اختيار ڪري وٺندو آهي. ايندڙ سال جي شروعات ۾ اهي سڀ ٽربائن بجلي جي پيداوار شروع ڪري ان کي واپاري پئماني تي فروخت ٿي سگهنديون.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

روشني سان دنيا جي تيز ترين انٽرنيٽ جي تياري

سڊني(ويب ڊيسڪ)دنيا جي تيز ترين انٽرنيٽ تيار ڪرڻ جي ڪششن  ۾ آسٽريليا جي تحقيق به …

هڪ تبصرو

  1. What is "oochi” in sindhi? Sab kha dighi, mathain, wadhi, ya ko bio, Asa wadheek sutha sindhi akhar disan chahiyoon tha…

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے