19 پیر , نومبر 2018

فيس بُڪ 27 ڪروڙ ڪوڙن اڪائونٽن جو اعتراف ڪري ورتو

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا جي مشهور ويب سائيٽ فيس بُڪ 27 ڪروڙ ڪوڙن اڪائونٽن جو اعتراف ڪري ورتو آهي. رپورٽن موجب فيس بُڪ ان ڳالهه کي تسليم ڪيو آهي ته سوشل ميڊيا جي ان پليٽ فارم کي استعمال ڪندڙ واهپيدارن جا 27 ڪروڙ اڪائونٽ ڪوڙا آهن ۽ انهن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي، جن تي اختيارين ۾ ڳڻتيءَ جي لهر ڇانيل آهي. هلندڙ هفتي فيس بُڪ مالي سال جي ٽه ماهي رپورٽ جاري ڪئي هئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو هو ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هلندڙ سال ان عرصي دوران ڪوڙن اڪائونٽن ۾ وڏي انگ ۾ اضافو ڏٺو ويو. فيس بُڪ انتظاميا جو چوڻ آهي ته مجموعي واهيپدارن مان 10 سيڪڙو حقيقي اڪائونٽ هولڊر اهڙا آهن، جيڪي ڊپليڪيٽ اڪائونٽ هلائي رهيا آهن. اهڙن ڪوڙن ۽ ڊپليڪيٽ اڪائونٽن مان فيس بُڪ انتظاميا پريشان آهي ۽ انهن خلاف ڪارروائي جو سوچي رهي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

آءِ فون X اپڊيٽنگ دوران ڦاٽي پيو، ايپل جو جاچ جو واعدو

لنڊن(ويب ڊيسڪ) ٽوئيٽر تي هڪ شخص پنهنجي اسمارٽ فون جي تصوير پوسٽ ڪندي دعويٰ ڪئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے