11 منگل , دسمبر 2018

صحتمند زندگي ۾ خالص کير جو اهم ڪردار

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي سائنسدانن صحتمند زندگي لاءِ خالص کير جو استعمال لازمي قرار ڏنو آهي. برطانيا جي نيوڪاسل يونيورسٽي ۾ تحقيق ڪندڙن انسان جي صحتمند زندگي جي حوالي سان مختلف پهلوئن جو جائزو ورتو ۽ ان نتيجي تي پهتا ته تندرست زندگي جو راز خالص کير ۾ آهي. محققن جو چوڻ آهي ته اهڙيون مينهون يا ٻڪريون، جن کي ديسي چاري تي پاليو وڃي، انهن جو کير فارم ۾ موجود مينهن ۽ ٻڪرين جي ڀيٽ ۾ ڪيترائي ڀيرا بهتر هوندو آهي. انهن جي کير 50 سيڪڙو وڌيڪ غذائيت هوندي آهي، جڏهن ته ان ۾ وٽامنز جي مقدار ۽ ٻيون خاصيتون به وڌيڪ هونديون آهن. ماهرن موجب خالص کير استعمال ڪندڙ ماڻهو وڌيڪ صحتمند ۽ تندرست زندگي گذاريندا آهن، ان کانسواءِ خالص کير پيئندڙ ڪيترين ئي بيمارين کان به محفوظ رهن ٿا. واضح رهي ته کير ۾ ڪيلشيم وڏي مقدار ۾ هوندو آهي، جيڪو ڏندن، هوڙن ۽ هڏين کي مضبوط بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سياري جي مند جا ڳاڙها ميوا ۽ انهن جا فائدا

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سياري جي موسم ۾ بازارن ۾ گهڻا ئي ميوا ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے