|
وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ڪراچي جي دوري دوران
پيپلز پارٽي
سنڌ ڪائونسل جو اجلاس پڻ ٿيو جنهن ۾ ميمبرن سنڌ ۾ پاڻي جي
کوٽ خلاف سخت احتجاج ڪندي چشما جهلم لنڪ ڪئنال تي پاور
پلانٽ منصوبي جي سخت مخالفت ڪئي آهي. چيف منسٽر هائوس ۾
ٿيل اجلاس ۾ سنڌ جي پ پ عهديدارن وزيراعظم آڏو سنڌ ۾ پاڻي
جي کوٽ خلاف دانهن ڪندي چيو ته چشما جهلم لنڪ ڪئنال تي
پاور پلانٽ جي اڏاوت سنڌ جي عوام کي منظور ناهي. اهڙي
منصوبي خلاف سنڌ اسيمبلي اڳ ۾ ٺهراءُ منظور ڪري چڪي آهي
تنهن ڪري هن منصوبي کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي. ميمبرن
چيو ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه ڇڏڻ جي نتيجي ۾ ٺٽي ۽
بدين جي 16 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين سمنڊ پائي چُڪو آهي ۽
تيزي سان هزارين ايڪڙ زمين تباهه ٿي رهي آهي. هنن پاسڪو
پاران چانورن جي خريداري نه ڪرڻ وارو مسئلو پڻ وزيراعظم
آڏو اٿاريو. اجلاس ۾ ٻيا به ڪافي مسئلا وزيراعظم جي آڏو
رکيا ويا. رپورٽن موجب وزيراعظم خاطري ڪرائي ته پاڻي کوٽ ۽
چشما جهلم لنڪ ڪئنال تي تعمير ٿيندڙ تڪراري پاور منصوبي
واري مسئلي کي جلد حل ڪيو ويندو.
اها پنهنجي جاءِ تي اطمينان ۽ خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته سنڌ
اسيمبليءَ جي پ پ ميمبرن سنڌ جي پاڻي جو جائز حصو وٺڻ وارو
پنهنجو فرض پئي ادا ڪيو آهي ۽ ان ڏس ۾ آواز پئي بلند ڪيو
آهي ۽ حيرت جي ڳالهه اها آهي ته جڏهن سنڌ حڪومت به سنڌ جي
آئيني حقن لاءِ ٻاڏائيندي رهي ۽ ان کي به پنجاب، وفاق يا
پنهنجي وفاقي حڪومت آڏو پنهنجي بيوسي ظاهر ڪرڻي پئي ته پوءِ
ان المئي کي ڪهڙو نالو ڏجي؟!!. اها سنڌ ۽ سنڌي عوام جي
بدقسمتي چئجي، حڪومت جي نااهلي چئجي يا قانون جي حڪمرانيءَ
نه هئڻ چئبي. اسان جو خيال آهي ته اهو سڀ قانون جي حڪمراني
۽ بالادستي نه هئڻ جو نتيجو آهي. جيستائين هن ملڪ اندر
قانون جي حڪمراني پئدا نه ٿيندي ۽ ان جي بالادستي قائم نه
ٿيندي تيستائين ڪجهه به نه ٿيندو. پاڻي جي مسئلي کي به
جيڪڏهن ڏسجي ته ان جي کوٽ ۽ بحران جو ذميوار صرف ۽ صرف
پنجاب رهيو آهي ۽ پنجاب ڏاڍ مڙسي قانون جي لتاڙ ڪري ئي
ڪندو رهيو آهي. اچرج جي ڳالهه اها ئي رهي آهي ته پنجاب کان
ڪڏهن به قانون ڪو پڇاڻو نه ڪيو آهي باوجود ان جي هن هر دور
۾ پاڻي معاهدن ۽ پاڻي جي آئين توڙي قانون جون پئي ڌڄيون
اڏايون آهن. آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي جي اها ڊگهي روايت آهي.
ائين پاڻي جي مسئلي تي سنڌ ۽ پنجاب جي ويڙهه جي وري ان کان
به ڊگهي تاريخ رهي آهي. انهيءَ ويڙهه پٽاندڙ ئي انگريز
سرڪاري ويندي ويندي پنجاب ۽ سنڌ وچ ۾ 1945ع ۾ پاڻي جو
معاهدو ڪيو پر ان معاهدي جي ڀڃڪڙي 1960ع ۾ تڏهن ڪئي وئي
جڏهن ايوب خان پنجاب جي ٽي درياهه راوي، ستلج ۽ بياس وارن
درياهن جو 35 ايم اي ايف حصو هندستان کي وڪرو ڪري ڏنو.
ائين پنجاب نه صرف 1945 واري آئين جي ڀڃڪڙي ڪندي سنڌ کي
اعتماد ۾ نه ورتو پر 35 ايم اي ايف پاڻي وڪرو ڪري پاڻي جي
کوٽ ۽ بحران جو به بنياد وڌو. پنجاب تڏهن اهو موقف اختيار
ڪيو ته ان جي جر ۾ تمام گهڻو پاڻي آهي. سو کوٽ ۾ هو اهو ئي
پاڻي کڻندو پر سنڌ يا ڪنهن ٻئي صوبي جي پاڻي ۾ ڪٽوتي نه
ڪندو پر اڳتي هلي جڏهن ان کوٽ محسوس ڪئي ته ان جر مان پاڻي
کڻڻ بدران تربيلا ڊيم ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو ۽ پوءِ ان ۾ سنڌ
جي پاڻي جو حصو غير قانوني طريقي سان کڻندو ناجائزي ۽
ڏاڍائي جو مظاهرو ڪيو. پنجاب جي ان ارهه زورائي کي ڏسندي
ڀٽي صاحب آخر ارسا نالي هڪ اٿارٽي قائم ڪري ڄڻ ته سنڌو
درياهه مٿان چوڪيدار وهاري ڇڏيو پر اڳتي هلي اها اٿارٽي به
پنجاب جي ئي ڳيجهو بڻجي وئي. پنجاب جون زيادتيون بهرحال
پوءِ به هلنديون رهيون ۽ ان پاڻي جي کوٽ جي ازالي لاءِ وري
1991ع ۾ نئون پاڻي جو معاهدو ڪيو جيڪو سنڌ ۾ عوام جي اڻ
چونڊيل حڪومت ۾ طئي ٿيو. انهيءَ معاهدي تي به پنجاب جو ئي
زور زبرو ٿي ويو. ڇاڪاڻ ته سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد ان معاهدي
تي خوش نه هيا. پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته اڳتي هلي
پنجاب ان معاهدي تي به نه بيٺو ۽ 1994ع ۾ اهو هڪ نئين
فارمولي تحت پاڻي کڻڻ لڳو ۽ هاڻي وري اهو 1994ع واري
فارمولي تحت پاڻي کڻڻ تي بضد آهي.
پنجاب اڄ 1991ع واري پاڻي معاهدي کي به پُٺي ڏئي بيهي رهيو
آهي. هو چشما جهلم لنڪ ڪينال جيڪو بنيادي طور تي فلڊ ڪئنال
آهي تنهن ۾ به هو غير قانوني طور تي ٻارهوئي سنڌ جو پاڻي
کڻندو رهيو آهي ۽ ان پاڻي تي هاڻي هو بجلي گهر اڏي رهيو
آهي جنهن جي دانهن سنڌ حڪومت وزيراعظم گيلاني کي به ڏني
آهي.
اڄ وفاق ۾ به پ پ جي حڪومت آهي صدر، وزيراعظم ۽ قومي
اسيمبلي جي اسپيڪر سميت سڀ پ پ جا آهن ان پسمنظر ۾ توقع
ڪجي ٿي ته پيپلزپارٽي چشما جهلم لنڪ ڪينال بابت هڪ پاليسي
جوڙيندي ۽ سنڌ جي اعتراض کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي پر هڪ
حڪومت هئڻ ناتي اسان پ پ سرڪار کي اها تجويز پيش ڪنداسين
ته اها 1991ع واري پاڻي معاهدي تي قانوني طور عمل ڪرائي،
قانون جي حڪمراني ۽ بالادستي پئدا ڪري. اهو ئي سڀني مسئلن
جو حل آهي ۽ پاڻي جي مسئلي جو به اهو ئي واحد حل آهي.
|