|
تيل اگهن ۾ واڌ خلاف سنڌ اسيمبلي سراپا احتجاج، فيصلو واپس
وٺڻ جو مطالبو، سازشن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جو فيصلو |
|
چشما بجلي گهر خلاف ڪيس جي تياري، وفاق جون اکيون کولي
ڇڏينداسين: سنڌ سرڪار
|
 |
|
ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار واهوچو) سنڌ سرڪار تڪراري چشما
بجلي گهر اڏڻ خلاف پنهنجي ڪيس ٺاهڻ جي تياري شروع ڪري ڇڏي
آهي، ميمبرن سنڌ اسيمبلي ۾ تقريرون ڪندي چيو ته سنڌ خلاف
ٿيندڙ هر سازش ناڪام بڻائي ويندي، پنهنجو موقف پيش ڪري
وفاق جون اکيون کولي ڇڏينداسين، سنڌ اسيمبلي ايوان
پئٽرول اگهن ۾ واڌ ۽ مهانگائي تي سراپا احتجاج بڻجي ويو.
بنا دير تيل اگهن ۾ لاٿ ۽ مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ جا وفاقي
۽ صوبائي حڪومت کان مطالبا ڪيا ويا آهن. اهڙو احتجاج ۽
مطالبا فنڪشنل ليگ جي عورت ميمبر نصرت سحر عباسي جي ايوان
۾ تيل اگهن ۾ واڌ ۽ مهانگائي تي پيش ڪيل مهملي واري رٿ تي
ڪيا ويا آهن. سنڌ اسيمبلي ۾ مهملي واري رٿ تي ڳالهائيندي
فنڪشنل ليگ جي عورت ميمبر نصرت سحر عباسي چيو ته پئٽرول
اگهن ۾ 6 رپيا 10 پئسا في ليٽر تي اضافو ڪيو ويو آهي. ڊيزل
۽ گاسليٽ جي اگهن ۾ به واڌ ڪئي وئي، اهڙي اعلان کانپوءِ
پئٽرول پمپ بند ڪيا ويا ۽ جهيڙا ٿيا. سنڌ ۾ پاڻي، گئس ۽
بجليءَ جي چوڏنهن چوڏنهن ڪلاڪ لوڊشيڊنگ آهي. غريب ماڻهن جو
روزگار ختم ٿي ويو آهي. پيئڻ جو پاڻي ناهي، پئٽرول اگهن ۾
واڌ سبب ٽرانسپورٽرن ڪرايا وڌائي ڇڏيا آهن. عالمي مارڪيٽ ۾
تيل جا اگهه گهٽ آهن، ڇا حڪومت پنهنجو خسارو پورو ڪرڻ چاهي
ٿي. غريب هاڻي چوي ٿو ته روزاني مارڻ کان بهتر آهي ته هڪ
ڀيرو زهر ڏئي ماري ڇڏيو. هن چيو ته ڪمپنيون ڪيترو نفعو
ڪمائي رهيون آهن. ٽئڪس ڪيترو لڳي ٿو. هاري آبادگار، مزدور
انتهائي ڏکي صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي. حڪومت اگهن جي
واڌ تي نظرثاني ڪري اگهن کي گهٽ ڪري ۽ غريبن کي آپگهات ڪرڻ
تي مجبور نه ڪري. صوبائي وزير شازيه مري چيو ته اسان ان
معاملي تي ڳالهائي سگهون ٿا، روڊن تي اچي سگهون ٿا، پريس
ڪلب تي وڃي سگهون ٿا پر اهو چوڻ ته زهر ڏيو اهو درست ناهي.
اهو مذهب جي به خلاف آهي. هن چيو ته اڳوڻن قابض حڪمرانن
ملڪ جون هي حالتون ڪيون آهن. آمريڪا به انهن جي حمايت ڪئي،
جنهن جا نتيجا اسان نقصان جي شڪل ۾ ڏسي رهيا آهيون. پ پ
ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو چيو ته پئٽرول اگهن ۾ واڌ
ڳڻتي جوڳي ضرور آهي پر عالمي صورتحال کي ڏسندي اهو بار
برداشت ڪرڻو پوندو. هن وقت سڄي دنيا بحران جو شڪار آهي.
سڄي دنيا ۾ ماڻهو بيروزگار ٿي رهيا آهن، ان باوجود اسان وٽ
غربت گهٽائڻ لاءِ نه صرف نوڪريون ڏنيون پيون وڃن پر غريب ۽
بيواه عورتن لاءِ انڪم سپورٽ جهڙا پروگرام شروع ڪيا ويا
آهن، جنهن کي سڄي دنيا ۾ ساراهيو ويو آهي. هن چيو ته غربت
وڏي بيماري آهي، جنهن کان انڪار نٿو ڪري سگهجي، اها بيماري
رڳو پاڪستان ۾ نه پر دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ آهي. صوبائي
وزير مخدوم جميل چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪوششن سان ڪالاباغ
ڊيم دفن ٿي ويو، اسان غربت ۽ بيروزگاري جي خاتمي لاءِ قدم
کڻي رهيا آهيون. پاڻي جو وڏو مسئلو آهي. ٺٽي ۽ بدين ۾ پاڻي
جي سخت کوٽ آهي، اهو اسان جي زندگي جو مسئلو آهي. جلد ملڪ
مان غربت ۽ بيروزگاري ختم ٿي ويندي. پ پ ميمبر انور مهر
چيو ته اسان مڃون ٿا ته غربت آهي ۽ وڌندڙ مهانگائي جو به
احساس آهي پر جڏهن ته ملڪ ۾ ٻن سالن کان جنگ جاري آهي. فوج
وڙهي رهي آهي، جنهن ۾ سنڌ جا نوجوان به شهيد ٿي رهيا آهن.
اسان کي پيٽ تي پٿر ٻڌڻو پوندو، ڇو ته ملڪ آهي ته اسان به
آهيون ۽ حڪومتون به آهن. هن وقت صورتحال اها آهي ته ملازمن
جون پگهارون بند ڪجن يا ترقياتي ڪم بند ڪجن، تنهن هوندي به
اسان جي حڪومت انهن حالتن کي منهن ڏيندي نه ڪنهن جون
پگهارون بند ڪيون آهن ۽ نه ئي ترقياتي ڪم روڪيا آهن. متحده
جي وزير سيد سردار احمد چيو ته 1955ع کان ڪو به عوام جي
ڀلائي وارو پروگرام نه جوڙيو ويو. صرف ڀٽو دور ۾ عوام جي
ڀلائي لاءِ ڪم ٿيو، ان کانپوءِ آفيسر شاهي جي تيار ڪيل
پاليسين تي عمل شروع ٿيو. هن چيو ته اسان اڄ به آءِ ايم
ايف جا غلام آهيون. 14 ارب رپيا حاصل ڪرڻ لاءِ عالمي بينڪ
جي دٻاءَ ۾ اچي تيل جا اگهه وڌايا ويا آهن. هن چيو ته سڌين
ٽئڪسن ۾ واڌ ڪئي وڃي پر هتي اڻ سڌا ٽئڪس وڌيڪ آهن. اسان کي
پنهنجي فڪسل پاليسي کي تبديل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته غير
ترقياتي فنڊن ۾ ڪٽوتي ڪري تيل جي مد ۾ سبسڊي ڏئي عوام کي
رليف ڏئي سگهجي ٿو. هن چيو ته بجيٽ جي تياري لاءِ هاڻي کان
ئي ڪم شروع ڪيو وڃي. مهانگائي سبب عوام سخت پريشان آهي. پ
پ جي قانون واري وزير اياز سومري چيو ته مهملي واري رٿ
ايوان ۾ آڻڻ کان پهريان ماڻهن کي سوچڻ گهرجي. اڳوڻي حڪومتي
دور ۾ اسان کي چرڻ به نه ڏنو ويندو هو. هن سوال ڪندي چيو
ته اڄ جيڪي اسان جا دوست مهانگائي جي ڳالهه ڪري رهيا آهن،
انهن جي حڪومت ۾ 13 سال اٽي تي سبسڊي نه ڏني وئي. اسان 2
ارب رپيا اٽي تي سبسڊي ڏني اها لڙهي وئي. ڪنهن کي به اهو
ياد ناهي رڳو ٺلهي تنقيد ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته اڳوڻا
حڪمران پاڻي هضم، پٿر هضم، لڪڙ هضم ڪري ويا. اسان
يونيورسٽيون قائم ڪيون آهن. هن چيو ته جيڪو ڪجهه ٿي رهيو
آهي اهو پ پ ڪري ٿي. هن چيو ته 13 سال اوهان ڊڪٽيٽر جي
ڇانوَ ۾ رهيا. هن چيو ته سردار احمد اين ايف سي ايوارڊ تي
سٺو ڪم ڪيو خدا اها اسان کي عزت ڏني، اسان اين ايف سي
ايوارڊ آندو. هڪ قوم پرست چوي ٿو ته مون سنڌ نه کپائي آهي.
اسان وٽ ثبوت آهن. هن 20 ارب رپيا سنڌ کي نقصان ڏنو. هن
چيو ته ڊڪٽيٽر جي هر روايت اسان ٻڌيءَ سان ٽوڙي ڇڏينداسين.
هن چيو ته اسان پنهنجي دوستن کي چئون ٿا ته اهي سنڌي
اخبارون پڙهن ۽ سنڌي چينل ڏسن، باقي سياسي اداڪارن وارا
چينل ٽول پلازه کان اڳتي ڪير به نه ڏسندو آهي. سينيئر وزير
پير مظهرالحق چيو ته پئٽرول ۽ گاسليٽ جي اگهن ۾ واڌ سبب
سمورن ماڻهن تي اثر پوي ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن مان قيمتي
ٽاءِ، سوٽ پائي ايندس ۽ ٻانهن ۾ سونا ڪنگڻ هوندا، روئي
چوندس ته غريبن سان ظلم آهي ته ماڻهو چوندا ته منافقت ڪري
رهيو آهي. هن چيو ته اسان کي پنهنجو احتساب ڪرڻ گهرجي.
شادين تي گهٽ خرچ ڪرڻ گهرجي. ٻين تي تنقيد ڪرڻ اسان وٽ رسم
بڻجي وئي آهي. هن چيو ته ايوان ۾ سائيڪل جو ذڪر ٿيو آهي.
هن چيو ته مهرباني ڪري ضياءُالحق واري سائيڪل واري منافقت
نه ڪريو. هن چيو ته اسان کي ايم ڪيو ايم کان ڊسيپلين سکڻ
گهرجي، اهي هڪ گاڏي ۾ 4 ڄڻا اچن ٿا، انهن کي چئجي ٿو ته
ويهي رهو ته ويهي رهن ٿا اٿي بيهو ته اٿي بيهن ٿا. هير
سوهو، ماروي راشدي ۽ ٻين ميمبرن پڻ اسيمبلي ۾ مهانگائي ۽
پئٽرول جي اگهن ۾ واڌ تي ڳالهايو، جنهن کانپوءِ وقتي
اسپيڪر اجلاس اڄ 10 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. |
|
|
|
|
|
|