|
حملي کانپوءِ راولپنڊي ٻري اٿيو، حامين جا مظاهرا، نواز
شريف ۽ پنجاب حڪومت خلاف زوردار نعريبازي |
|
عوامي ليگ جو سربراهه شيخ رشيد خوني حملي ۾ زخمي، 4 محافظ
مارجي ويا |
 |
|
راولپنڊي (م ڊ/ ايجنسيون) عوامي مسلم ليگ جو سربراهه شيخ
رشيد احمد خوني حملي ۾ زخمي ٿي پيو آهي، جڏهن ته فائرنگ ۾
سندس ڊرائيور ۽ محافظن سميت 4 ڄڻا مارجي ويا آهن. شيخ رشيد
احمد ڪالهه راولپنڊي ۾ ٿيندڙ ننڍي چونڊ جي مهم
جي سلسلي ۾ شيڊول موجب خيابان سرسيد ۾ پنهنجي مرڪزي چونڊ
آفيس پهتو ئي مس ته اڻڄاتل هٿياربندن مٿس هٿيارن جا منهن
کولي ڇڏيا، جنهن جي نتيجي ۾ شيخ رشيد جو ڊرائيور انوار،
محمد شاهه سميت 4 ڄڻا موقعي تي ئي مارجي ويا ۽ شيخ رشيد
زخمي ٿي پيو. جنهن کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو.
اسپتال ايم ايس جو چوڻ آهي ته شيخ رشيد کي گولي ناهي لڳي،
هو ڪري زخمي ٿيو آهي ۽ هاڻي سندس حالت خطري کان ٻاهر آهي.
شيخ رشيد تي حملي کانپوءِ سندس حامين شهرن ۾ نڪري مظاهرا
ڪيا ۽ روڊن تي ٽائر ساڙيا. ان موقعي تي مڇريل ڪارڪن پنجاب
حڪومت ۽ نواز شريف خلاف نعريبازي ڪري رهيا هئا. |
|
|
|
|
|
|