|
عوامي ليگ ۽ ق ليگ پنجاب حڪومت کي ذميدار قرار ڏئي ڇڏيو،
سازش آهي: نواز ليگ |
 |
|
راولپنڊي: عوامي مسلم ليگ جي ڪارڪنن پارٽي سربراهه تي حملي
جو ذميوار پنجاب حڪومت ۽ ن ليگ کي قرار ڏيندي چيو آهي ته
نواز ليگ چونڊ هارائڻ جي ڊپ کان هي واقعو ڪرايو آهي. هن
چيو ته شيخ رشيد کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي وئي ۽ هن حملي ۾ پنجاب حڪومت ملوث آهي. هنن چيو ته تڪ
تي چونڊ ملتوي ڪرائڻ لاءِ شيخ رشيد تي حملو ڪرايو ويو.
عوامي ليگ جي اڳواڻ راجا بشارت ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو
آهي ته پنجاب جي حڪومت تي اعتماد ناهي، تنهن ڪري هاڻي چونڊ
فوج جي نگراني ۾ ڪرايون وڃن. شيخ رشيد تي حملي جي ذميوار
پنجاب حڪومت آهي، ڇاڪاڻ ته هن شيخ رشيد کي سيڪيورٽي فراهم
ڇو نه ڪئي، اهو ان کان پڇيو وڃي. ٻئي طرف نواز ليگ جي
مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري احسن اقبال چيو آهي ته شيخ رشيد تي
حملو انتهائي افسوسناڪ عمل آهي. چونڊ مهم پرامن طريقي سان
هلي رهي هئي. هي واقعو سازش آهي. هي واقعو پنجاب حڪومت
خلاف سازش ۽ چونڊ عمل ۾ اثرانداز ٿيڻ لاءِ اهڙو واقعو ڪيو
ويو. هن چيو ته دهشتگردي خلاف سئو سيڪڙو انتظام نٿا ڪري
سگهجن. هن چيو ته واقعي ۾ سيڪيورٽي ليپس هوندو ته ذميوارن
خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ٻئي طرف مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر
۽ پنجاب حڪومت جي ترجمان پرويز رشيد چيو آهي ته انتهائي
افسوسناڪ آهي ۽ سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. هن چيو ته سياسي
پارٽين ۾ بلٽ نه پر بيلٽ جو مقابلو ٿيندو. هن چيو ته
بدقسمتي سان چوڻو پئي ٿو ته ملڪ ۾ ڪجهه ڌريون بلٽ ذريعي
سياست تي يقين رکن ٿيون. هڪ سوال جي جواب ۾ پرويز رشيد چيو
ته شيخ رشيد کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ پنجاب حڪومت جي ذميواري
آهي. ق ليگ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مشاهد حسين شيخ رشيد تي
حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سوات ۽ مالاڪنڊ ۾ پرامن چونڊ
ٿي سگهي ٿي ته راولپنڊي ۾ چونڊ ڇو نٿي ٿي سگهي. هن چيو ته
شيخ رشيد تي حملي جي ذميوار پنجاب حڪومت آهي ۽ هن هڪ قومي
اڳواڻ کي سيڪيورٽي فراهم ڇو نه ڪئي. هن چيو ته شيخ رشيد تي
حملو زيادتي ۽ ظلم آهي. هن چيو ته شيخ رشيد تي حملو جمهوري
نظام کي تباهه ڪرڻ جي سازش آهي. هوڏانهن متحده جي مرڪزي
اڳواڻ ۽ وفاقي وزير فاروق ستار چيو آهي ته انتهائي
افسوسناڪ واقعو آهي. هي شرمناڪ ۽ بزدلاڻو واقعو آهي. هن
چيو ته شيخ رشيد ڪافي عرصي کان اهڙن واقعن بابت دانهين
رهيو هو پر سندس ڳالهين تي ڪنهن به توجهه نه ڏنو. هن چيو
ته شيخ رشيد تي حملي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري سزا
ڏني وڃي. |
|
|
|
|
|
|