|
ڪراچي ڌماڪن جي اڻڌري جاچ جو مطالبو، امن ۾ رڪاوٽ بڻجندڙن
جا نالا ظاهر ڪيا وڃن:
قومي اسيمبلي ميمبر |
 |
|
اسلام آباد (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ميمبرن حڪومت کان
ڪراچي ۾ چهلم جي موقعي تي ٿيل واقعي جي اڻ ڌري جاچ ڪرائڻ ،
جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۽ ڪراچي ۾ امن امان ۾ رڪاوٽ بڻيل
ماڻهن جا نالا ظاهر ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ڪراچي
کي پرامن شهر بنائڻ لاءِ اتي بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي ڪئي
وڃي. ڪالهه قومي اسيمبلي ّ۾ ڪراچي ڌماڪن ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ واقعن تي اي اين پي جي بشريٰ گوهر، (ق) ليگ جي ماروي
ميمڻ، ايم ڪيو ايم جي ايس اي اقبال قادري ۽ (ن) ليگ جي
برجيس طاهر رٿن تي بحث ڪرايو ويو. بحث ۾ حصو وٺندي متحده
جي اقبال ايس قادري چيو ته انتظاميا حفاظتي اپائن ۾ ڪا نه
ڪا ڪوتاهي ڪئي آهي ڇو جو ان واقعي کان ٿوري دير کانپوءِ
جناح اسپتال ۾ زخمين ۽ سندن وارثن تي به ڌماڪي سان حملو
ٿيو. هن چيو ته پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي چوڪس هئڻ
جي باوجود دهشتگرد جناح اسپتال ۾ ڪيئن پهتا. هن چيو ته
ڪراچي ۾ چهلم تي عزادارن جي جلوس تي ڌماڪو انتظاميا جي
نااهلي آهي. بشريٰ گوهر تحريڪ التوا تي ڳالهائيندي چيو ته
ڪراچي ۾ مفاهمت جي سياست تي پختونن کي نشانو بڻايو پيو
وڃي، ٻن سياسي پارٽين ۾ مفاهمت ٿيڻ بعد ڪجهه وقت لاءِ
ٽارگيٽ ڪلنگ رڪجي وڃي ٿي ۽ ٻيهر ٽارگيٽ ڪلنگ جو سلسلو شروع
ٿي وڃي ٿو. برجيس طاهر چيو ته يوم عاشور تي عزادارن تي
ڌماڪي کانپوءِ بولٽن مارڪيٽ کي ساڙيو ويو. چهلم تي وري
عزادارن تي حملو ٿيو، ان کانسواءِ 2007ع ۾ 12 مئي تي سرعام
ماڻهن کي قتل ڪيو ويو ۽ لڳي ٿو ته انتظاميا ۽ حڪومت نالي
ڪا به شيءَ نه آهي. هن چيو ته 12 مئي واقعن جوا حتساب ٿئي
ها ته اڄ اهي واقعا پيش نه اچن ها. ماروي ميمڻ رٿ تي بحث
ڪندي چيو ته هڪ سانحو اڃا وسري ئي نه ٿو ته ٻيو سانحو ٿيو
آهي. حالت اها آهي ته حڪومت اڃا اڳئين سانحي جي رپورٽ نه
ڏني آهي. هن چيو ته ڌماڪن مان لڳي ٿو ته ان جي پٺيان فرقيوار هٿ
آهن. شيعن کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو پيو وڃي. عوامي نيشنل
پارٽي جي پرويز خان ايڊووڪيٽ ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي ۾
ڪربلا جو منظر آهي، انهن واقعن پٺيان جيڪي لڪيل هٿ آهن
انهن کي وائکو ڪرڻ لاءِ حڪومت کي بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي
ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڪراچي پاڪستان جي صنعتي دل آهي ان
شهر کي بارود جو ڍير بڻايو ويو آهي. |
|
|
|
|
|
|