ڪراچيءَ ۾ رينجرز جو ڪريڪ ڊائون، 98 ڄڻا گرفتار، وڏي تعداد ۾ هٿيار هٿ

ڪراچي (م ڊ) ڪراچي ۾ رينجرز ڪريڪ ڊائون ڪري 98 ڄڻن کي گرفتار ڪري وڏي تعداد ۾ هٿيار هٿ ڪري ورتا آهن. سنڌ رينجرز جي ترجمان جو چوڻ آهي ته رينجرز نفري مختلف علائقن ۾ ڇاپا هڻي 98 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو آهي. جن وٽان هٿيار هٿ آيا. واضح رهي ته رينجرز اختيار ملڻ کانپوءِ سڄي شهر ۾ الرٽ ٿي وئي آهي.