بلوچستان جي آزادي جون ڳالهيون ٺيڪ ناهن، پئڪيج تي سياست چمڪائڻ نه ڏيندس: آصف علي زرداري

اسلام آباد (آن لائن) صدر آصف علي زرداري واضح ڪيو آهي ته ڪنهن کي به بلوچ عوام جي بهتريءَ لاءِ پارليامينٽ مان منظور ڪرايل آغاز حقوق بلوچستان پيڪيج تي سياست چمڪائڻ جي اجازت  نه ڏني ويندي. اسان ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪ ويٺل ناراض بلوچ اڳواڻن سان مفاهمت چاهيون ٿا. جلد بلوچستان جو دورو ڪندس. جڏهن ته ڪجهه ٻاهريون قوتون بلوچستان ۾ مداخلت ڪري رهيون آهن، اهڙن خيالن جو اظهار صدر بلوچستان جي وڏي وزير اسلم رئيساڻي سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. صدر زرداري وڌيڪ چيو ته بلوچستان جي آزادي جون ڳالهيون ڪرڻ مناسب نه آهن. بلوچ اڳواڻ صوبي جي خوشحاليءَ لاءِ حڪومتي آڇ جو مثبت جواب ڏين. صدر آصف وڌيڪ چيو ته جمهوري حڪومت بلوچ عوام سان جيڪي واعدا ڪيا هئا، انهن کي هر صورت ۾ پورو ڪيو ويندو.

پاڪ، چين واپاري لاڳاپن کي بلندين تي پهچائڻ جي ضرورت آهي: صدر

اسلام آباد (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪ چين واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي نين بلندين تائين وٺي وڃڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻئي ملڪ ويجها دوست ۽ خطي جي معاشي ترقي ۾ فطري ڀائيوار آهن. هن اها ڳالهه ڪالهه سومر ڏينهن چين جي صوبي سائي چو آن جي نائب گورنر هوانگ چائينو چيانگ جي اڳواڻي ۾ چيني وفد سان ايوان صدر ۾ ڳالهائيندي چئي. صدر چيو ته چين سان لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ ۽ سگهه ڏيڻ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي رهنما اصولن مان هڪ آهي. صدر چين جي پنهنجي گذريل چئن دورن جي حوالي سان چيو ته پاڪستان چيني اقتصادي ۽ ترقياتي ڪاميابين ۽ زراعت، تعليم، مواصلات، واپار، توانائي ۽ صنعت سميت مختلف شعبن ۾ ان جي تجربن مان فائدو جاري رکندو. هن چيو ته ٻطرفي واپار جو موجوده مقدار 7 ارب ڊالر گهربل موقعن کان گهٽ آهي ان کي 2011ع تائين 15 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جي ضرورت آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته سائي چو آن صوبو چين جي عظيم اڳواڻ ڊنگ چائو پنگ جي پيدائش واري جاءِ ۽ اسان جي دوستي کي وڌيڪ تقويت ڏيڻ جي لاءِ اهم اقتصادي ۽ ثقافتي مرڪزن مان هڪ آهي. هن صوبي جي مشهور ڪاروباري ادارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري موقعن مان فائدو حاصل ڪرڻ جي دعوت ڏني. صدر تعليم ۽ ثقافت جي ميدان ۾ پاڪ چين دوستي کي وڌيڪ استحڪام جي لاءِ پاڪستان ۽ صوبي سائيچو آن ۾ يونيورسٽي وچ ۾ نوجوان وفدن جي مٽاسٽا ۽ اداراجاتي رابطن جي فروغ تي زور ڏنو. ملاقات دوران پاڪستان ۾ چين جي سفير لوزائو هوئي کانسواءِ سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين سليم ايم مانڊيوالا ۽ واپار، صنعتن ۽ سيڙپڪاري بورڊ جا سيڪريٽري به موجود هئا.