ايم بي عباسي تي فرد جرم لاڳو، ڏوهه مڃڻ کان انڪار، شاهد طلب

ڪراچي (آن لائن)ڪراچي جي احتساب عدالت نيب ريفرنس ۾ اين ڊي ايف سي جي اڳوڻي چيئرمين ايم بي عباسي تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.احتساب عدالت بئنڪ لون ڪيس ۾ ايم بي عباسي تي فرد جرم لاڳو ڪندي ريفرنس جي شاهدن کي 22 فيبروري تي عدالت ۾ طلب ڪري ورتو آهي، جڏهن ته جوابدار فرد جرم مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. اين ڊي ايف سي جي اڳوڻي چيئرمين ايم بي عباسي تي غير قانوني طور 4 ڪروڙ رپيا قرض جاري ڪرڻ جو الزام آهي. عدالت ڪيس جي شاهدن کي 22 فيبروي تي طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي.