|
عافيه جي آزادي لاءِ قانوني قدم کڻڻ جي هدايت |
 |
|
لاهور (بيورو رپورٽ)لاهور هاءِ ڪورٽ وفاقي حڪومت کي
هدايت ڪئي آهي ته ڊاڪٽر عافيه صديقي جي آزادي جي معاملي ۾
قانون جي مطابق قدم کڻي. ڊاڪٽر عافيه صديقي جي آزادي جي
لاءِ داخل درخواست ۾ بيريسٽر اقبال جعفري موقف اختيار ڪيو
هيو ته آمريڪي عدالت تعصب جو رويو رکندي بين الاقوامي
قانون جي خلاف ورزي ڪري ڪوڙن الزامن جي بنياد تي ڊاڪٽر
عافيا صديقي کي ڏوهي قرار ڏنو آهي. |
|
|
|
|
|
|