حڪومت هلائڻ سياستدانن جو ڪم آهي، فوج پنهنجو فرض نڀائي: جماعت اسلامي

لاهور (بيورو رپورٽ) : جماعت اسلامي جي امير سيد منور حسين چيو آهي ته حڪومت ڪرڻ ۽ هلائڻ سياستدانن جو ڪم آهي. فوج کي اهو نه ڪرڻ گهرجي ته هو اقتدار سنڀالي ان جو جيڪو ڪم آهي. ان کي اهوئي ڪرڻ گهرجي. لاهور ۾ مرڪزي مجلس شوريٰ جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته 18 فيبروري کانپوءِ ڏينهون ڏينهن ملڪ جون حالتون خراب ٿي رهيون آهن. هن چيو 12 مئي ۽ نشترپارڪ ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي عدالتي تحقيقات ڪرائي ذميوارن کي سزا نه ڏني وڃي. چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري کي به ان تي از خود نوٽيس وٺڻ گهرجي.