هٿيارن جي ڊوڙ ۾ شامل نه ٿينداسين، گهٽ کان گهٽ صلاحيت تي يقين رکون ٿا: وزيراعظم

ڪراچي (اي پي پي) وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان عالمي امن ۽ علائقائي استحڪام لاءِ پنهنجي حصي کان گهڻو ڪردار ادا ڪيو آهي، حڪومت قومي ۽ عالمي فرضن جي سرانجام ڏيڻ ۾ پاڪ بحريه جي ضرورتن کان چڱي ريت واقف آهي، هٿيارن جي ڊوڙ ۾ شامل نه ٿا ٿيون پر امن قائم ڪرڻ جي لاءِ گهٽ کان گهٽ موثر دفاعي صلاحيت تي يقين رکون ٿا، پاڪستان ۽ چين جي لازوال دوستي سدائين هر آزمائش تي پوري لٿي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه هتي پي اين ايس شمشير جي پاڪ بحريه ۾ شموليت جي پروقار تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان عالمي امن ۽ علائقائي استحڪام لاءِ پنهنجي حصي کان وڌيڪ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ته جيئن اهڙين قوتن جو خاتمو ڪري سگهجي جيڪي خطي ۾ عدم استحڪام ۽ عالمي امن کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿيون. وزيراعظم چيو ته حڪومت قومي ۽ عالمي فرضن جي بجاآوري ۾ پاڪ بحريه جي ضرورتن کان چڱي ريت واقف آهي. اقتصادي مشڪلاتن باوجود اسان پنهنجي هٿياربند فوج کي هر طرح جي اسلحي سان ليس ڪنداسين. وزيراعظم ميري ٽائيم شعبي جي ترقي جي لاءِ حڪومت جي عزم کي ورجائيندي چيو ته ملڪ جو دفاع ۽ اهم بحري گذرگاهن جي تحفظ لاءِ پاڪستان جي سامونڊي فوج جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. هن پاڪ بحريه جي جوانن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ 5 ڪروڙ رپين جو اعلان ڪيو. هن سامونڊي علائقن ۾ ترقي جي لاءِ ڪم ڪرڻ تي پاڪ بحريه جي واکاڻ ڪندي چيو ته اسان هٿيارن جي ڊوڙ ۾ شامل نه ٿا ٿيڻ چاهيون پر امن قائم ڪرڻ جي لاءِ گهٽ کان گهٽ صلاحيت تي يقين رکون ٿا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان خطي ۾ جارحاڻا عزم نه ٿو تنهن هوندي به دفاعي پيداوار جي شعبي ۾ پاڻ ڀاڙڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. چين جي تعاون سان فري گيٽ پروگرام پاڻ ڀاڙڻ واري منزل طرف هڪ اهم قدم آهي، ان سان ڪراچي شپ يارڊ جي اپ گريڊيشن ٿيندي ۽ ملڪ ۾ جهاز سازي جي صنعت کي فروغ ملندو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پي اين ايس شمشير جي پاڪ بحريه ۾ شموليت سڄي قوم لاءِ اطمينان جو باعث آهي. هن ضروري ٽيڪنالاجي جي فراهمي تي چين جا ٿورا مڃيندي چيو ته ايف 22 پي فري گيٽ جي پاڪ بحريه ۾ شامل ٿيڻ سان پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن ۾ نه رڳو اضافو ٿيندو پر ٻنهي ملڪن جي دوستي وڌيڪ مضبوط ٿيندي. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي لازوال دوستي هر آزمائش تي پوري لٿي آهي. هن چيو ته پاڪ بحريه ۽ چيني انجنيئرن ڪاميابي حاصل آهي ۽ فري گيٽ ٻنهي ملڪن جي دوستي جو مظهر آهي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پاڪ چين دوستي جبلن کان اونچي ۽ سمنڊ کان گهري آهي. واضح رهي ته چين ۾ تيار ڪيل پاڪ بحريه جو ٻيون ايف 22 پي فري گيٽ پي اين ايس شمشير چين جي شهر شنگهائي ۾ گذريل ڊسمبر ۾ باقاعده ڪميشننگ کانپوءِ 23  جنوري 2010ع تي ڪراچي پهتو هو. پاڪستان نيوي چين سان چئن جهازن جو معاهدو ڪيو آهي. پي اين ايس شمشير ان سلسلي ۾ ٻيون جهاز آهي، جيڪو چين جي حصيداري سان هوڊونگ زونگ هوا شپ يارڊ شنگهائي ۾ تيار ڪيو ويو آهي. ايف 22 پي فري گيٽ سورڊ ڪلاس شپ آهي، جيڪو هر جنگي خطري جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هي جهاز پاڻي جي سطح کان پاڻي جي سطح ۽ سمنڊ کان فضا ۾ پري تائين مار ڪندڙ لانگ رينج ميزائيلن ۽ جديد خودڪار 76 ملي ميٽر گنز سان ليس آهي. اهو ڊيپٿ چارجز ۽ ٽار پيڊوز سان حملو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ ان تي اينٽي سب ميرين زيڊ 9 اي سي هيليڪاپٽر به موجود آهن. جهاز اليڪٽرانڪ وار فيئر ۽ ايڊوانسڊ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم کانسواءِ هاءِ ٽيڪ ايئر ڊفينس سسٽم سان به ليس آهي. ان ۾ لانگ رينج سرفيس ۽ ايئر سرويلنس ۽ سونار به نصب آهن. جهاز جي ڊيگهه 123 ميٽر آهي. چين سان معاهدي تحت ٽيون جهاز به تيزي سان مڪمل ٿيڻ جي مرحلي ۾ آهي،جيڪو سال 2010ع جي ٽين ٽه ماهي ۾ پاڪ بحريه جي حوالي ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ چوٿون جهاز ڪراچي شپ يارڊ ۾ ٽيڪنالاجي منتقلي جي معاهدي تحت تياري هيٺ آهي،جيڪو سال 2013ع تائين تيار ٿي ويندو.

ڊاڪٽر عافيه جي ماءُ ۽ ڀيڻ جي وزيراعظم سان ملاقات، مدد طلب

ڪراچي (اي پي پي) وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته حڪومت ڊاڪٽر عافيه صديقي جي آزادي لاءِ پنهنجي سفارتي، قانوني ۽ اخلاقي ڪردار ادا ڪندي رهندي. وزيراعظم اها ڳالهه ڪالهه سومر ڏينهن هتي ڊاڪٽر عافيه صديقي جي ڀيڻ ۽ والده سان ملاقات دوران چئي. ڊاڪٽر عافيه صديقي جي والده عظمت صديقي ۽ ڀيڻ ڊاڪٽر فوزيه صديقي وزيراعظم کي آمريڪا ۾ قيد ڊاڪٽر عافيه صديقي خلاف عدالتي فيصلي جي سببن کان آگاهه ڪيو. انهن ڪيس ۾ ذاتي دلچسپي وٺڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي سنڌ جو گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد ۽ سمنڊ پار پاڪستانين جو وفاقي وزير ڊاڪٽر فاروق ستار به موجود هو.