|
بليڪ واٽر بابت آمريڪي بيان تي ڳڻتي، گهرو وزارت جي وضاحت
رد، رپورٽ طلب |
 |
|
اسلام آباد (اي پي پي) گهرو معاملن بابت قومي اسيمبلي جي
اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ آمريڪي سيڪيورٽي ايجنسي بليڪ
واٽر جي موجودگي جي حوالي سان آمريڪي ۽ گهرو وزارت جي
عملدارن جي اختلافي بيانن تي ميمبرن ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي
۽ چيو آهي ته ان ڳالهه جي وضاحت ڪئي وڃي ته رابرٽ گيٽس جي
بيان کي صحيح سمجهيو وڃي يا گهرو وزارت طرفان آيل ترديد کي
صحيح سمجهون، جڏهن ته گهرو سيڪريٽري قمر زمان چوڌري ڪميٽي
کي ٻڌايو آهي ته پاڪستان ۾ بليڪ واٽر جو ڪو به وجود نه
آهي، سيڪيورٽي ايجنسين جي ملازمن جي نالن تي هٿيارن جا
لائيسنس نه ٿا ڪري سگهجن. اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪالهه
سومر ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ چيئرمين عبدالقادر پٽيل جي
صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن اجلاس ورڪ، صاحبزاده
مرتضيٰ امين ۽ بشريٰ گوهر کانسواءِ گهرو سيڪريٽري قمر
الزمان چوڌري، ڊپٽي چيئرمين نادرا طارق ملڪ ۽ گهرو وزارت
جي ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي
گهرو سيڪريٽري ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري ٻڌايو ته ملڪ ۾ بليڪ
واٽر نالي ڪا به ايجنسي رجسٽرڊ نه آهي ۽ نه ئي هتي ڪم ڪري
رهي آهي. سيڪيورٽي جي اصولن جي خلاف ورزي ڪرڻ تي انٽر رسڪ
نالي سيڪيورٽي ايجنسي جو لائيسنس رد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته
هڪ ڪمپني ويڪن هنٽ کي سبب ڄاڻائي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.
چيئرمين چيو ته گهرو وزارت چوي ٿي ته بليڪ واٽر هتي نه آهي
جڏهن ته آمريڪي دفاع وارو وزير رابرٽ گيٽس بيان ڏنو آهي ته
هو ڪم ڪري رهي آهي، هاڻي اسان ڪنهن کي صحيح سمجهون. گهرو
وزارت جي اهڙي وضاحت کي اعجاز ورڪ، مرتضيٰ ۽ بشريٰ گوهر
تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. اعجاز ورڪ چيو ته مولانا
فضل الرحمان حڪومت جو اتحادي آهي، ان جو بيان شايع ٿيو آهي
ته بليڪ واٽر هتي موجود آهي. بشريٰ گوهر چيو ته پشاور ۾
بليڪ واٽر وارا سرعام گهمن پيا، وضاحت جي ترديد سان ماڻهن
جا منهن ته نه ٿا بند ڪري سگهجن. اسان کي ٻڌايو وڃي ته هو
ڪهڙي قانون تحت هتي گهمي رهيا آهن. چيئرمين عبدالقادر پٽيل
چيو ته جيڪڏهن اهڙي طرح گهمندڙ فورس بليڪ واٽر نه آهي ته
ڪا ٻي آهي جيڪا اهڙي طرح هتي چرپر ڪري رهي آهي. هن هدايت
ڪئي ته ان معاملي جي ڇنڊڇاڻ ڪري ڪميٽي کي آگاهه ڪيو وڃي.
ڪميٽي اتفاق راءِ سان سفارش ڪئي ته هٿيارن جا لائيسنس ڪنهن
به سيڪيورٽي ڪمپني جي ملازمن جي نالي تي جاري ٿيڻ گهرجي پر
گهرو سيڪريٽري موقف اختيار ڪيو ته ائين نه ٿو ڪري سگهجي ڇو
ته جيڪڏهن ملازم پنهنجي ڪمپني ڇڏي ڏي ته پوءِ لائيسنس رد
ڪري ٻيهر جاري ڪرڻو پوي ٿو. |
|
|
|
|
|
|