|
مڪاني چونڊون مئي جي آخري هفتي تائين ڪرايون وينديون: سراج
دراني |
 |
|
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌجي مڪاني ادارن واري وزير آغا
سراج دراني چيو آهي ته مڪاني چونڊون مئي جي آخري هفتي
تائين ڪرايون وينديون، اسان کي چونڊن لاءِ صرف هڪ مهينو
گهربل آهي. مڪاني چونڊون اليڪشن ڪميشن ڪرائيندي.
ان ڏس ۾ صدر آصف علي زرداري چئني صوبن جي مڪاني کاتن وارن
وزيرن کي اجلاس لاءِ طلب ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ سنڌ
اسيمبلي ۾ مڪاني ادارن جي نظام ۾ تبديلي وارو ترميم بل
ايوان ۾ پيش ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه سنڌ
اسيمبلي جي اجلاس کانپوءِ ٻاهر ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.
هن وڌيڪ چيو ته بل جي سنڌ اسيمبلي مان منظوري کانپوءِ
ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيا ويندا. هن چيو ته مڪاني چونڊن لاءِ
حڪومت کي هڪ مهيني جو وقت گهربل آهي. بجيٽ اجلاس کان اڳ
مئي جي آخر تائين مڪاني چونڊون ڪرايون وينديون. اهي چونڊون
اليڪشن ڪميشن ڪرائيندي. پ پ ۽ متحده ۾ ايڊمنسٽريٽر مقرر
ڪرڻ تي اتفاق آهي، جيڪڏهن اتفاق نه هجي ها ته هر ڪو پنهنجي
پنهنجي گهر هجي ها. مڪاني ادارن ۾ ترميم جو بل ٻن ڏينهن
اندر اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو. بل جي منظوري کانپوءِ ناظمن
کي هٽائي سرڪاري آفيسرن کي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيا ويندا. |
|
|
|
|
|
|