|
انصاف لاءِ عدالت ۽ گڏيل قومن ڏانهن وينداسين : طلال بگٽي |
 |
|
اسلام آباد (آن لائن) جمهوري وطن پارٽيءَ جي سربراهه نواب
طلال اڪبر بگٽي چيو آهي ته نواب اڪبر بگٽي جو قتل ڪيس
پرويز مشرف ان وقت جي گورنر بلوچستان ۽ گهرو وزير خلاف
داخل ڪيو وڃي. بالاچ مري، بينظير ڀٽو ۽ لال مسجد وارو
واقعو پاڪستان ٽوڙڻ جي مشرف جي سازش هئي، انصاف لاءِ جلد
سپريم ڪورٽ لاءِ وينداسين، جيڪڏهن
انصاف نه مليو ته گڏيل قومن سان رابطو ڪنداسين. اهڙن خيالن
جو اظهار هن پنجاب هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. |
|
|
|
|
|
|