صدر پاران شيخ رشيد تي حملي جي جاچ جو حڪم، رپورٽ طلب

اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري عوامي ليگ جي سربراهه شيخ رشيد تي قاتلاڻي حملي جي جاچ جو حڪم ڏيندي واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. هوڏانهن وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ چيو آهي ته شيخ رشيد تي حملي جي جاچ ۾ پنجاب حڪومت جو ڀرپور ساٿ ڏنو ويندو.