جيلن ۾ قيدين جي بادشاهي آهي: مظفر شجراه

ڪراچي (م ڊ): جيلن واري صوبائي وزير مظفر شجراه چيو آهي ته جيلن ۾ قيدين جي بادشاهي آهي. ان جي خاتمي لاءِ ڏنڊو گهمايو ويندو. هڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي مظفر شجراه چيو آهي ته مون تي ڪو به سياسي دٻاءُ ناهي ۽ نه ئي هو ڪنهن جي ماتحت آهي. هن جيلن جو نظام سڌارڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هو رشوت نٿو وٺي پر کائنس پهرين جيڪو وزير هو اهو ماهوار هڪ ڪروڙ رپيا رشوت وٺندو هو. هن چيو ته جيلن جو دورو ڪندڙ جج اسان جي گهٽ ۽ قيدين جي گهڻي بڌن ٿا. هن چيو ته قيدي هفتي ۾ 6 ڏينهن گوشت کائن ٿا. هن چيو ته جيل جا آفيسر پاڻ قيدين کي چرس ۽ هيروئن پهچائن ٿا. هو انهي نظام جي خاتمي لاءِ ڏنڊو گهمائيندو.