جيلن ۾ قيدين جو راڄ آهي، فون تي ماڻهو اغوا ڪرائين ٿا: ڊي پي او حيدرآباد

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) ڊي پي او حيدرآباد جاويد عالم اوڍو اعتراف ڪيو آهي ته جيل ۾ ويهي بااثر قيدي ماڻهن کي اغوا ڪرائي رهيا آهن، جيل اندر قيدين جي بادشاهي آهي، جيل قيدين لاءِ جنت بڻيل آهن، جن خلاف ڪارروائي عمل ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، حيدرآباد جي مختلف ٿاڻن جي پوليس ڪارروائي ڪري اغوا بعد بازياب ٿيل حڪيم پٺاڻ جي اغوا ۾ ملوث ٻن جوابدارن سميت ۲۱ ڏوهارين کي گرفتار ڪيو آهي. اهڙو اظهار هن ڪالهه پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڊي پي او حيدرآباد جاويد عالم اوڍو وڌيڪ چيو ته ۲ مهينا اڳ ٽنڊوحيدر مان اغوا ٿيل حڪيم پٺاڻ کي بازياب ڪرايو آهي، اغوا ۾ ملوث ٻن جوابدارن انور مسرڪ ۽ حسين مسرڪ کي پوليس مقابلي ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. ڊي پي او وڌيڪ اعتراف ڪيو ته جيلن ۾ جيڪي قيدي بااثر آهن، اهي جيل ۾ ويهي اغوا، ڦرون ڪرائي۽ ڌاڙا هڻائي رهيا آهن، جنهن لاءِ اعليٰ قيادت کي آگاهه ڪيو ويو آهي. هن  چيوته قيدين کي جيل اندر موبائيل فونز فراهم ڪيون وڃن ٿيون، جن کي روڪڻ لاءِ ڪراچي ۾ جيمر لڳايا ويا آهن، تمام جلد حيدرآباد، سکر، نوابشاهه ۽ ٻين جيلن ۾ به جيمر لڳايا ويندا، قيدين کي مليل موبائل فونز واپس ورتا وڃن ته ڏوهن تي ڪنٽرول به اچي سگهي ٿو. هن چيو ته حيدرآباد ۾ اهڙو ڪو به گينگ گروپ ناهي، جيڪو وڏين ڪاررواين ۾ ملوث هجي باقي ننڍين ڪاررواين ۾ ننڍا ننڍا گيگ ضرور ملوث آهن.