بزرگ سياستدان اجمل خٽڪ مٽي ماءُ حوالي: سرحد ۾  سوڳ

اڪوڙه خٽڪ (آن لائن) عوامي نيشنل پارٽيءَ جي اڳواڻ بزرگ سياستدان اجمل ختڪ کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. جنازي نماز  ۾ اي اين پي جي اڳواڻن ۽ پارٽي ڪارڪنن کان علاوه وڏي تعداد ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي. اجمل ختڪ اي اين پي جو اڳوڻو سربراهه، سيڪريٽري جنرل، صحافي ۽ اديب به رهيو. مختلف الزامن تحت سياسي قيد ۽ بعد ۾ جلاوطنيءَ جي زندگي به اختيار ڪيائين.