ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ سياسي پارٽين جي سهڪار سان ختم ٿي، ڌماڪن جي جاچ جاري آهي: رحمان ملڪ

اسلام آباد (اي پي پي) گهرو وزير رحمان ملڪ چيو آهي ته ملڪ ۾ بليڪ واٽر جو ڪوبه وجود ناهي، نمل يونيورسٽي 3 ڏينهن لاءِ بند ڪئي وئي آهي، سياسي پارٽين جي تعاون سان ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ختم ٿي وئي آهي، يوم عاشور ۽ چاليهي جي موقعي تي ٿيندڙ ڌماڪن جي گڏيل جاچ ڪئي پئي وڃي، انهن ڌماڪن ۾ پرڏيهي هٿ ملوث هجڻ جي امڪان کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. ڪالهه سومر ڏينهن هتي پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي گهرو وزير چيو ته نمل يونيورسٽي جي رجسٽرار برگيڊيئر عبيدالله متاثر پروفيسرکان معافي وٺي ڇڏي آهي، نمل يونيورسٽي ۾ امن امان جي خدشي کي نظر ۾ رکندي يونيورسٽي ٽن ڏينهن لاءِ بند ڪئي وئي آهي. هن چيو ته سياسي پارٽين جي اتحاد سان ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ختم ٿي وئي آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڀارت سدائين هر معاملي تي اسان تي الزام تراشي ڪندو رهندو آهي، بچپن کان ويندي گهرو وزير بڻجڻ تائين ڀارت جا الزام ٻڌندو آيو آهيان، هن چيو ته اسان ڀارت سان بامقصد ۽ جامع ڳالهيون چاهيون ٿا،سارڪ ملڪن جي گهرو وزيرن جي ڪانفرنس مارچ ۾ ٿيندو.