اسٽينڊنگ ڪميٽي اعزازي استادن کي مستقل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

اسلام آباد (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي دفاع بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي پاڪستان نيول اڪيڊمي ترميمي بل 2010ع جي متفقه طور تي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته ڪميٽي هدايت ڪئي آهي ته ڪينٽ ۽ گريزن جي اسڪولن ۾ ڪم ڪندڙ اعزازي استادن جي سروس ختم ڪرڻ بدران کين مستقل ڪيو وڃي ۽ ناڻي واري وزارت ان مقصد لاءِ ضروري فنڊن جو انتظام ڪري. ڪميٽي جو اجلاس ڪالهه سومر ڏينهن ڪميٽي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو جي صدارت ۾ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن شگفته صادق، اياز امير، جواد حسن، سيد حيدر علي شاهه ۽ ڊاڪٽر طلعت مهيسر کانسواءِ سيڪريٽري دفاع ۽ دفاع واري وزارت ۽ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ڪميٽي پاڪستان نيول اڪيڊمي ترميمي بل 2010ع تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ کانپوءِ ان جي متفقه طور تي منظوري ڏني. ڪميٽي کي سول ايوي ايشن اٿارٽي جي نئين سر جوڙجڪ، ريگيوليٽري ۽ آپريشنل ڪارڪردگي جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ڪميٽي  چيو ته سول ايوي ايشن اٿارٽي جي ملڪ جي هوائي اڏن جي رنگ روغن ۽ بهتري لاءِ فوري قدم کڻڻ گهرجن. ڪميٽي هدايت ڪئي ته ڪينٽ ۽ گيريزن جي اسڪولن ۾ ڪم ڪندڙ اعزازي استادن کي مستقل ڪيو وڃي. سيڪريٽري دفاع ڪميٽي کي خاطري ڪرائي ته ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ ضروري قدم کنيا پيا وڃن ۽ خاطري ڪرائي ته سروس مستقل ڪرڻ جو معاملو جلد حل ڪيو ويندو.