پ پ ۽ اسٽيبلشمينٽ ملڪ کي آمريڪا وٽ وڪرو ڪري ڇڏيو آهي: رسول بخش پليجو

ٽنڊو ڄام (ت ر) ٽنڊو ڄام ويجهو ڳوٺ صادق خاصخيلي ۾ سنڌي هاري تحريڪ پاران منعقد ڪيل هاري ڪانفرنس ۾ متفقه طور قراردادون پاس ڪندي گهر ڪئي ويئي آهي ته ناجائز چشما جهلم لنڪ ڪينال تي ناجائز بجلي گهر جي اڏاوت فورن بند ڪري سي جي ڪينال، تونسا ڪينال ۽ ٿل ڪينال ملڪ دشمن منصوبا رد ڪيا وڃن. هاري ڪانفرنس ۾ پيٽرول ۽ گيس جي اگهن ۾ ڳاٽي ڀڳا اضافا واپس وٺڻ، پاڻي ۽ اٽي جي هٿرادو کوٽ ۽ زرعي جنسن جي اگهن ۾ هٿرادو گهٽتائي ختم ڪرڻ، ون يونٽ دوران فوجي جرنيلن، رانديگرن، فنڪارن ۽ هندوستان مان لڏي آيل پناهه گيرن کي ڏنل زمينون واپس ڪري سنڌ جي هارين کي ڏيڻ، ڪالاباغ سميت سنڌو تي ڪو به ڊيم نه اڏڻ، تعلقي ۽ ضلعي سطح تي هاري عدالتون قائم ڪرڻ جي گهر ڪئي ويئي آهي. هاري ڪانفرنس ۾ 30 قراردادون پاس ڪيون ويون. انهي کان اڳ هاري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجي چيو آهي ته ڪميشن نه ملڻ سبب سنڌ جي ڪوئلي کي استعال ڪرڻ نه پيو ڏنو وڃي. سنڌي، پنجابي ۽ بلوچ وڏيرا سڀ هڪڙي ڍڳي جا چور آهن ۽ سڀئي غريب ۽ مسڪين هارين جو رت چوسي رهيا آهن. هن چيو ته پ پ ۽ اسٽيبلشمينٽ ٻنهي گڏجي پاڪستان کي آمريڪا وٽ وڪرو ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين سمورا حڪمران ملڪ کي آمريڪا سامراج وٽ وڪرو ڪندا رهيا آهن. هن چيو ته موجوده سرڪار مان عوام ۽ سنڌي قوم جو ڪو به ڀلو ٿيڻ وارو نه آهي. هاري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ جي هاري تحريڪ جي خاتمي جا خواب ڏسندڙ وڏيرا ۽ جاگيردار ڏسي ڇڏين ته سندن خلاف هزارين هاري ۽ هارياڻيون متحد ٿي ويون آهن. هن چيو ته حڪومت واضح ڪري ته پ پ جي حڪومت ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي قتل جي تحقيقات ۾ ڪير رڪاوٽون وجهي رهيو آهي ۽ ڪير گڏيل قومن جي ٽيم کي پاڪستان اچڻ کان روڪي رهيو آهي. سنڌي هاري تحريڪ جي صدر سرتاج چانڊيو ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي هارين کي ايڪيهين صدي جي جديد تقاضائن مطابق پاڻ کي تبديل ڪري جدوجهد ڪرڻي پوندي. ايس پي او سنڌ جي ريجنل ڊائريڪٽر  غلام مصطفيٰ بلوچ چيو ته سنڌ ۽ سنڌي ڪڏهن به مذهبي انتهاپسند نه رهيا آهن پر هاڻي ڪجهه نام نهاد مولوي نفرت جو ٻج ڇٽي رهيا آهن. هاري ڪانفرنس کي سنڌياڻي تحريڪ جي صدر عمراه سمون، سنڌي گرلس شاگرد تحريڪ جي صدر سنڌو مڱڻهار، انور رند، حسين مهر، فريد ڪلهوڙو، عبدالحئي ڀٽو، حيدر زمان آخوندزاده، عمر جميل، سرور باري، فاروق طارق ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. هاري ڪانفرنس کان اڳ سنڌي هاري تحريڪ جا نوان عهديدار چونڊيا ويا، جن کي عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجو حلف کڻايو.