بينظير ڀٽو جا قاتل اڃا ظاهر نه ٿيڻ تي افسوس آهي: ناهيد خان

ماتلي (ن ع آ) پ پ پ اڳواڻ ناهيد خان ماتلي ۾ ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته محترمه  بينظير ڀٽو جي قتل کي 2 سال مڪمل ٿي چڪا آهن، پر ان جا قاتل اڃا تائين ظاهر نه ٿيا آهن، جيڪا ڏاڍي افسوس جي ڳالهه آهي. هن چيو ته ان سلسلي ۾ پارٽي طرفان مون سان ڪو به رابطو نه آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جو هر ماڻهو پ پ پ جو ورڪر، هاري، مزدور موجوده حڪومت کان اها ئي گهر ڪري رهيو آهي ته محترمه بينظير ڀٽو جا قاتل ظاهر ڪري کين سزا ڏني وڃي، جيڪڏهن ڪو چاهي ٿو ته ذوالفقار علي ڀٽي جيان شهيد بينظير ڀٽو جو خون به لڙهي ويندو ته اها انهن ماڻهن جي ڀل آهي. هن چيو ته هن وقت صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم تي وڌيڪ ذميواري آهي ته هو پارٽي لاءِ قربانيون ڏيندڙ ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جو خيال ڪري سندن مسئلا حل ڪن ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي قاتلن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته پ پ پ جي چونڊيل نمائندن کي به کپي ته هو پنهنجي تڪ جي ماڻهن سان رابطي ۾ رهن.