جنگ جون ڌمڪيون ڏيندڙ ڳالهين جي دعوت پيا ڏين، جهڪڻ وارا ناهيون: شاهه محمود قريشي

ملتان (آن لائن) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشيءَ چيو آهي ته ڪالهه تائين جنگ جون ڌمڪيون ڏيندڙ اڄ ڳالهين جي دعوت ڏئي رهيا آهن. پاڪستان پنهنجي مفادن جو سودو نه ڪندو. جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان جو موقف سچائي ۽ اصولن تي ٻڌل آهي. ڀارت جي آڏو جهڪڻ وارا ناهيون. جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته حڪومت جي حڪم تي فوج ڪامياب آپريشن ڪيا، جن ۾ مقامي لشڪر يڪجهتي جو ثبوت ڏنو. پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته ميڊيا ۽ عدليه آزاد آهي ۽ حڪومت جي ڪارڪردگي ڪنهن جي نظرن کان لڪيل ناهي.